ٽوڪيو اولمپڪس مان پاڪستان جي وڌيڪ ٽن رانديگرن جو سفر ختم

ٽوڪيو اولمپڪس ۾ وڌيڪ ٽن رانديگرن جو سفر ختم ٿي ويو آهي.
ٽوڪيو اولمپڪس مان ٻن نشاني باز غلام مصطفيٰ بشير، خليل اختر ۽ اٿليٽ نجما پروين ٻاهر ٿي ويا آهن، هاڻي آخري اٿليٽ نديم 4 آگسٽ تي جيولين ٿرو ايوينٽ ۾ قسمت آزمائيندو.
پنجويهه ميٽر ريپڊ فائر پسٽل جي پهرين مرحلي ۾ ڇهين پوزيشن ماڻيندڙ نشاني باز غلام مصطفيٰ بشير ٻئي مرحلي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريڻ ۾ ناڪام ويو، فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ ڇهين پوزيشن برقرار رکڻ ضروري هو پر غلام مصطفيٰ بشير ڏهين نمبر تي اچي ويو، پهرين ڏينهن 293 اسڪور ڪرڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن هو 286 اسڪور ئي ڪري سگهيو.
شوٽر خليل اختر 572 پوائنٽون ڪندي پندرهين نمبر تي رهيو، ٻه سئو ميٽر ريس ۾ نجمه سڀني کان آخري نمبر تي پهتي، فيصل آباد جي نجمه پروين ٻه سئو ميٽرن وارو مفاصلو 28.12 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو، هوءَ پنهنجي جٿي جي ست ڄڻن مان ستون نمبر آئي.
ٽوڪيو اولمپڪس مان پاڪستان جي ڏهن رانديگرن مان 9 ٻاهر ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ارشد نديم مان ئي ميڊل جي اميد ڪري سگهجي ٿي جنهن جو مقابلو 4 آگسٽ تي ٿيند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔