آءِ بي اي سکر اسڪينڊل: شاگردياڻي جو ڪميٽي کي ڏنل وڊيو بيان سامهون اچي ويو

سکر: نقاب پھري آءِ بي اي جي شاگردياڻي بڻجي، آءِ بي اي انتظاميا مٿان وڊيو ۾ سنگين الزام ھڻندڙ سٽي اسڪول جي ميٽرڪ جي شاگردياڻي ايشا بلوچ جي ڪاميٽي آڏو ڏنل بيان واري وڊيو منظر تي اچي وئي آهي. وڊيو ۾ ايشا بلوچ جو چوڻ هو ته مونکي آءِ بي اي ۾ دوکي سان گھرائي مسجد ۾ وڊيو تيار ڪرائي وئي. ايشا پنھنجي ماءُ جي موجودگي ۾ ڪاميٽي آڏو بيان ڏنو ته مونکي بختاور گھرائي چيو ته ھڪ پراجيڪٽ لاءِ وڊيو ٺاھڻي آھي. ياد رهي ته ڪالهه آئي بي اي سکر جي انٽرني بختاور سومرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته آئي بي اي جي مسجد ۾ مون وڊيو ٺاهي، يونيورسٽي انتظاميا مٿان لڳايل الزام درست هئا، رجسٽرار زاهد حسين کنڊ پاران حسين صديقي خلاف بيان ڏيڻ تي مون کي پروموشن،گهر ۽ گاڏي ڏيڻ جي لالچ ڏني وئي، آفر قبول ڪرڻ کان انڪار تي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون به ڌمڪيون ڏنيون ۽ بيان ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويو، مون حسين صديقي جو نالو دٻاءُ ۾ کنيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔