رانديگرن ۾ ڪورونا سبب نيشنل وومين فٽبال چيمپئن شپ معطل

ڪراچي: يونائيٽيڊ جي رانديگرن جي ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ سبب مقابلن کي فوري طور روڪيو ويو.
پاڪستا سپر ليگ( پي ايس ايل) کانپوءِ ڪراچي ۾ جاري نيشنل وومين چيمپئن شپ جا مقابلا به ڪورونا پازيٽو ڪيس سامهون اچڻ بعد روڪيا ويا آهن.
پاڪستان فٽبال فيڊريشن پاران جاري بيان موجب ڪراچي يونائيٽڊ جي رنديگرن جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد مقابلن کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي يونائيٽيڊ سميت چار ٽيمن کي ڪووڊ ٽيسٽنگ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪووڊ ٽيسٽنگ جا خرچ فٽبال فيڊريشن برداشت ڪندي جڏهن ته ڪووڊ رپورٽس بعد مقابلن جو فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔