پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو رانديگرن کي ڪورونا ويڪسين هڻائڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽرن کي ڪورونا ويڪسين هڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني جو چوڻ آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ايندڙ مهيني ڪرڪيٽرن کي ڪوويڊ 19 جي ويڪسين هنئي ويندي.
هن چيو ته موجوده حالتن ۾ پي ايس ايل ڪرائڻ ڏاڍو وڏو ڪارنامو آهي جڏهن ته 20 سيڪڙو تماشائين جي اجازت اين سي او سي ڏني آهي، انگ ڀلي گهٽ هجي پر ان جو فائدو رانديگرن کي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔