ڊينئل پرل ڪيس: سنڌ حڪومت جون اپيلون رد، عمر شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جون اپيلون رد ڪندي عمر شيخ کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي آزادي روڪڻ جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت حساس ڄاڻ بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ کي ڏني ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عمر شيخ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن. شاهديون موجود آهن پر اهڙيون ناهن جو عدالت ۾ ثابت ڪري سگهون. جسٽس عمر عطا سوال ڪيو ته جيڪو مواد سپريم ڪورٽ کي ڏنو اهو اڳ ڪنهن فورم تي پيش ناهي ٿيو. جيڪا ڄاڻ ڪڏهن به رڪارڊ تي ناهي آئي ان جو جائزو ڪيئن وٺون؟

رياست وٽ معلومات هئي ته عمر شيخ تي ملڪ دشمني جو ڪيس ڇو نه هلايو ويو؟ عدالت چيو ته حڪومت عمر شيخ کي ڪڏهن دشمن ايجنٽ قرار ئي ناهي ڏنو، دهشتگردي جي خلاف جنگ سان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي پر دهشتگردي خلاف جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڪنهن کي خبر ئي ناهي. هي جنگ شايد ايندڙ نسلن تائين هلي.

عدالت درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو محفوظ  ڪيو جيڪو ٿوري دير کان پوءِ ٻڌائيندي سنڌ حڪومت طرفان جوابدارن جي آزادي روڪڻ جي لاءِ اپيلون رد ڪري ڇڏيون. عدالت جي 3 رڪني بينچ ٻه هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائيندي عمر شيخ کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔