بختاور ڀٽو جي ميندي واري تقريب ، آصف زرداري مهمانن جي آجيان ڪئي

ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو جي مهندي واري تقريب بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي گذري.

عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب تقريب ۾ ڀٽو ۽ زرداري خاندانن جي انتهائي ويجهن ماڻهن ۽ گهوٽ جي ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي.  ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ سمورو وقت انهن سان گڏ رهيو.

مهندي واري تقريب جي موقعي تي بلاول هائوس کي رنگ برنگي بتين ۽ مختلف گلن سان سجايو ويو هو  رپورٽ موجب مهندي واري تقريب ۾ مهمانن جي خدمت لاءِ برياني، قورمو، فرائڊ چڪن ۽ حلوو موجود هو. اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم  شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي ڌيءَ بختاور ڀٽو کي مهندي ام ڪلثوم حذيفه لاڻهي لڳائي. هن ان حوالي سان ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته بختاور ڀٽو کي جڏهن مون بختاور کي مهندي لڳائي ته هن کي مهندي جي ڊيزائن ايتري پسند آئي جو هن پهريان مون کي ٽپ ڏني ۽ ان کان پوءِ بل ادا ڪيو.

بختاور ڀٽو کي مهندي لڳائيندڙ ام ڪلثوم حذيفه لاڻهي پنهنجي انٽرويو ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي بختاور ڀٽو چيو ته ڊيزائن ڀلي اوهان ڪهڙو به ٺاهيو پر ان ۾ اجرڪ جي ڪجهه ڊيزائن لازمي هجي جنهن کان پوءِ مون ائين ئي ڊيزائن ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته مهندي لڳائڻ جو سلسلو اڱاري جي شام 3 وڳي شروع ڪيو هو ۽ ان کي مڪمل ڪندي رات جا 9 ٿي ويا هئا يعني ٽوٽل پنج ڪلاڪ لڳا هئا.  ياد رهي ته بختاور ڀٽو زرداري جي نڪاح واري تقريب 29 جنوري تي ٿيندي. جڏهن ته ڄڃ 30 جنوري تي ايندي. شادي جي تقريب ۾ ملڪ جي مشهور سياستدانن سميت ٻين شعبن سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن کي گهرايو ويو آهي.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀيڻ بختاور ڀٽو جي شادي تي مبارڪباد جا پيغام ڏيندڙن جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي شادي جي تقريب ۾ گهٽ مهمانن کي گهرايو ويو آهي. بلاول وڌيڪ چيو ته اسلام آباد، لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به شادي جي تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو جنهن ۾ معززن، دوستن، مائٽن ۽ پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي گهرايو ويندو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔