سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري جي 91 هين سالگره

سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي عوامي اسلوب وسيلي ماڻهن ۾ بي حد مقبول ٿي ويل شاعر استاد بخاري جي اڄ 91 هين سالگره ملهائي پئي وڃي .

 استاد بخاري جو اصل نالو سيد احمد شاهه ولد سيد حاجن شاهه هو ۽ هن  16 جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ جنم ورتو .

استاد بخاري پيشي جي لحاظ کان استاد هو ۽ دادو جي ڪاليج ۾ پروفيسر طور ريٽائر ڪيائين، سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران مڃتا طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو جو نالو سندس نالي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو طور منسوب ڪيو ويو.

استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ بهترين شاعر هو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن جي اها خوبي هئي ته هو پنهنجي گيتن جي ڌن پاڻ ترتيب ڏيندو ۽ پاڻ پنهنجا گيت جهونگاري پيش ڪندو هو .

استاد بخاري پنهنجي پوري حياتي سنڌي شاعريءَ جي جھول ۾ تازا توانا گيت پيش ڪندو رهيو ، هو نه رومانويت پسند هو پر هن جي دل ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جو به اوتروئي درد سمايل هو .هو هر وقت پنهنجي قوم لاءِ پريشان رهندو هو ۽ ان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو رهيو .استاد بخاري جي شاعري سنڌ جي ناليوارن راڳين عابده پروين ، محمد يوسف ، قمر سومرو، منظور سخيراڻي ، سرمد سنڌي ،جلال چانڊيو، ممتاز لاشاري، برڪت ڀٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي پر منظور سخيراڻي استاد جي ترتيب ڏنل ڌنن کي ان جي رنگ ۾ ڳائي ڄڻ امر ڪري ڇڏيو آهي.

 استاد بخاريءَ جي شاعري جي مجموعن ۾ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“هي گيت گلابي ٻارن جا ، اوتون جوتون ، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ ، سوچون ڀڻڪا واڪا ، لهر لهر دريا، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو ۽ ٻيا شامل آهن .سندس خدمتن جي مڃتا طور وفات کان پوءِ 2009ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جو هي ٻهڳڻو شاعر عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين . سندس شاعري اڄ به سنڌ جي جهنگ جهر ۾ هر ماڻهوءَ جي وات تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔