غيرمسلمان پاڪستانين جي نالي کليل خط:
پاڪستان جا غير مسلمان شهريو ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان جي سڃاڻپ تي سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ هن وقت 37 ماڻهو ويٺا آهن، جن مان هندو ۽ مسيحي سڀ کان وڌيڪ آهن، جڏهن ته سکن سميت ٻين برادرين جا ڪجهه ماڻهو به آهن، پر تنهن هوندي به ملڪ ۾ مذهبي سڃاڻپ جي بنياد تي ڪڏهن ڪنهن گروهه کي امتيازي سلوڪ، امتيازي ضابطن، سماجي ناانصافي، معاشرتي ظلم، ڏاڍائي يا زوري مذهب تبديل ڪرڻ جهڙا واقعا ٿين ٿا ته ايوانن ۾ ويٺل اهي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪنهن معاملي تي آواز اٿارين ٿا، اهڙي رويي سبب غير مسلمان پاڪستاني جيڪي 2017 جي آدم شماري وقت3303615 مسيحي، 3324392هندو، 519436 شيڊول ڪاسٽ (هن ڪتابچي جي تحقيق دوران مون کي ان انڪشاف حيران ڪيو ته سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ آباد هندو شيڊول ڪاسٽ سان تعلق رکندڙ 32 سب شيڊول ڪاسٽ جي ماڻهن جي آباد ملڪ جي مجموعي هندن جي آبادي جو 90 کان 85 سيڪڙو آهي پر سرڪاري انگ اکر انهن کي مجموعي هندو آبادي جو پوڻا 16 سيڪڙو ٻڌائين ٿا، يعني سرڪاري انگ اکر، زميني حقيقتون ۽ عوامي رايا هڪ ٻئي جي خلاف آهن. 457104احمدي،145442 سک، پارسي ۽ ٻيا غير مسلمان پاڪستان جيڪي مجموعي طور تي 7749988ٿين ٿا ۽ انهن مان 7749988جي ووٽرن جو انگ29 مارچ 2018 جي اليڪشن ڪميشن جي اعلان مطابق هندو ووٽر 1777289مسيحي ووٽر 1638748احمدي ووٽر 1638748بهاري ووٽر 167505سک ووٽر 8852پارسي ووٽر 4235 ۽ ٻڌ ووٽر1884 آهن ۽ اهي مجموعي طور تي 3630056ووٽ ٿين ٿا پر اهي سمورا ووٽرز ايوانن ۾ ويٺل پنهنجي نمائندن باوجود پاڻ کي لاوارث سمجهن ٿا. ان جو هڪ وڏو سبب ناانصافي تي ٻڌل اسان جو سماج آهي، جيڪو ڪنهن به ڪمزور لاءِ غير محفوظ آهي، پوءِ چاهي ان ڪمزور جو تعلق ڪنهن به رنگ، مذهب ۽ مسلڪ سان ڇو نه هجي پر غير مسلم پاڪستانين جي مايوسي جو وڏو سبب اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن غير مسلم سان ڪوئي مسئلو ٿي وڃي ٿو ته ان علائقي جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي ان علائقي جي اڪثريت جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهڙو ماڻهو پنهنجي اقليتي برادري جي ووٽن مان چونڊجي ايوان ۾ نه ٿو پهچي ان ڪري هو اهڙي ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجي پارٽي جي مفادن جو خيال رکي ٿو ۽ اهو سڀ ڪرڻ ۾ ان ويچاري جو ڪو ڏوهه به نه ٿو هجي ڇو جو بظاهر هو اسان کي جوابده نه هوندو آهي ان ڪري ان جو همدرديون ان سان گڏ ئي هونديون جنهن جي ڪري هو ايم اين اي، ايم پي اي يا سينيٽر منتخب ٿيو هوندو آهي ۽ اهڙي ڪم لاءِ يقينا ملڪ جي سياسي اشرافيا به ذميوار آهي ته اسين عام ماڻهو به، اسان جا سماجي، مذهبي ۽ سياسي رهنما به ان جا ذميوار آهن ڇو جو اهي اڄ تائين ڪوئي اهڙو انتخابي نظام ئي متعارف ناهن ڪرائي سگهيا جنهن سان اسان جي ملڪ جي 78 لک ٻارن جيڪي ملڪ ۾ آزادي هند، قيام پاڪستان، تعمير پاڪستان ۽ دفاع پاڪستان ۾ به ڌرتيء جي ٻين ٻارن وانگر پيش پيش رهيا آهن، پوءِ چاهي اهو روپلو ڪولهي هجي، جوگندر ناٿ منڊل هجي، جسٽس ڀڳوان داس هجي، سوڀو گيانچنداني هجي يا وري اهڙن ئي ٻين هزارين پاڪستانين جهڙو ڪو ٻيو هجي جن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو هجي، پوءِ کڻي اهو سردار هري سنگه هجي جنهن قائد جي آواز تي پنهنجي خاندان جا 129 فرد قربان ڪرائي امرتسر کان لاهور هجرت ڪئي هجي يا راجا تري ديو هجي جنهن پنهنجي رياست ڇڏي سقوط ڍاڪا کان پوءِ قائد جي وطن سان زندگيء جي آخري ساهن تائين وفاداري نڀائي، ان ۾ اهي بي شمار پارسي به شامل آهن جيڪي جديد ڪراچيء جا معمار آهن ۽ انهن جون خدمتون ڪنهن کان به گهٽ ڪونهن، اهڙيء طرح هن ملڪ جا مسيحي ٻار به ٻين پاڪستاني مسلمان ۽ غير مسلمانن جي ٻارن وانگي آهن جيڪي آزادي هند جا سپاهي به آهن ۽ قوم ۽ معاشري جا معمار به آهن، ان سان گڏوگڏ محافظ، غازي ۽ شهيد به آهي، ايستائين ته اهي 78 لک جي لڳ ڀڳ غير مسلمان ڌرتي جا ٻار به ڏينهن رات پنهنجي پنهنجي وس آهر هن ملڪ ۽ قوم جي معاشري جي بهتري لاء پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر تنهن باوجود اهي پاڪستاني شهري پنهنجي بنيادي سياسي حقن کان محروم رهيا آهن ۽ ان محروميء جو سبب ڄاڻن لاءِ اسان غير مسلمان پاڪستانين لاءِ ٺاهيل اليڪشن جي نظام جو جائزو وٺون ٿا ۽ اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته 73 سالن ۾ هن ڌرتي واسين مٿان ڪهڙيون ڪهڙيون چونڊون ٿوپيون ويون ۽ ان لاءِ اسان کي سڃاڻپ جي مقصدن کي بيان ڪرڻ بابت لکيل منهنجي ئي ڪتاب ” ڌرتي ڄاوا ڇو ۽ ڪيئن پراوا“ ۾ بيان ڪيل ڳالهين کي سامهون رکڻو پوندو.
اسان جي سياسي پسماندگي جي ذميوار به رياست آهي ڇو جو 73 سالن ۾ رياست اسان کي ڪو اهڙو چونڊ عمل نه ڏئي سگهي جنهن سان اسان جي تربيت ٿي سگهي، گذريل 73 سالن ۾ ان پاران غير مسلمانن تي مڙهيل چونڊن جي نظام جو جائزو وٺون ته ان جو اهو نچوڙ نڪرندو ته 1946 کان وٺي 1954 ۽ 1955 کان وٺي 1958 وري 1962 کان ويندي 1964 ۽ پوء 1965 کان وٺي1969 تائين پهرين 23 کان 24 سالن تائين چونڊيل ايوان جي صورتحال اها هئي جو پهرين اسيمبلي رڳو 69 ميمبرن تي بڌل هئي، جنهن مان 14 غير مسلم ميمبر هئا، انهن غير مسلمان ميمبرن مان گهڻا يعني 12 ميمبر هندو هئا، جڏهن ته انهن چوڏهن مان هڪ اولهه پنجاب، هڪ ڏکڻ سنڌ يعني ڪراچي مان هو ۽ باقي ٻيا سڀ ئي 12 ميمبر تڏهوڪي اوڀر پاڪستان يعني بنگلا ديش جا هئا، ٻي اسيمبلي ۾ به رڳو 72 ميمبر چونڊيا ويا، جن مان صرف 11 غير مسلم هئا ۽ انهن مان 9 اوڀر پاڪستان يعني بنگلا ديش مان ۽ هڪ سنڌ مان چونڊيل هندو هو، جڏهن به باقي 2 ميمبر مسيحي هئا، جن مان هڪ جو نالو سڳ اي گبن هو جيڪو پنجاب مان چونڊيو ويو هو جڏهن ته ٻئي جو نالو گومز پال پيٽر هو جيڪو پڻ اوڀر پاڪستان مان چونڊجي آيو هو، ٽين اسيمبلي ۾ بد قسمتي سان ڪو به غير مسلم ميمبر نه چونڊجي سگهيو ۽ نه ئي وري چوٿين اسيمبلي ۾ به ڪوئي غير مسلم ميمبر ايوان ۾ جڳهه والاري سگهيو، اهڙي طرح پهرين چئن اسيمبلين لئه نامزدگيون ٿيون هيون ۽ يقينا اهي نامزدگيون سياسي بنياد تي ٿيون هونديون جيڪي ان وقت سياسي وڏيرا پنهنجي مرضي مطابق ڪندا هئا، اهو پاڪستان جي چونڊن جي تاريخ جو پاڪستاني مسلمانن لئه پهريون دور هو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو اليڪشن ۽ 2 ڀيرا سليڪشن جي فارمولي کي آزمايو ويو.
ٻيو دور 1970 کان شروع ٿيو ۽ جڏهن انهيءَ سال پهريون ڀيرو عام چونڊن ۾ هڪ ووٽ جي بنياد تي چونڊون ڪرايون ويون ته انهن ۾ پاڪستان مسيحي ليگ جي پليٽ فارم تان صوبائي ۽ قومي اسميبلي جي سيٽن تان 33 مسيحي ميدان ۾ لٿا پر انهن مان ڪو به پنهنجي ضمانت به نه بچائي سگهيو ۽ انهن چونڊن کان پوء ٻن سالن تائين جنگ جي تباهي جا اثر، فوج ۽ ڀٽي وچ ۾ معاملا ڳنڀير رهيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي چيف مارشل ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويو پر بدقسمتي سان انهن چونڊن ۾ اولهه پاڪستان مان ڪو به غير مسلمان چونڊون نه کٽي سگهيو پر انهن چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان يعني بنگلا ديش مان راجا تري ديو چونڊ کٽي آيو، جڏهن ته راڻا چندر سنگهه سنڌ اسيمبلي جي سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ويو، انهن نتيجن کي نظر ۾ رکندي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته دراصل ان وقت قومي اسمبلي ۾ ڪو به غير مسلم ميمبر نه هو، ڇو جو بنگلا ديش مان چونڊجي آيل راجا تري ديو جو چونڊ حلقو ان اسميبلي جو نه هو پر اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي بطور چيف مارشل ايڊمنسٽريٽر خصوصي ريگوليشن 118 لاڳو ڪري سڀني نجي ادارن کي خانگائي ڇڏيو ته ان ريگوليشن وسيلي پاڪستاني مسيحن جا اسڪول به سرڪار حوالي ٿي ويا ۽ ائين ئي مسيحن کي سياسي شعور آيو ۽ پنهنجا تعليمي ادارا کسجڻ کانپوءِ اهي سڀ هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏيا ۽ انهن سڄي ملڪ ۾ مظاهرا شروع ڪري ڏنا.
سياسي، سماجي ۽ مذهبي مسيحن جي قيادت ۾ جڏهن هڪ وڏي جلوس 30 اگست 1972 تي وزير اعظم هائوس وڃي وزير اعظم صاحب کي يادداشت نامو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس انهن جي جٿي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسيحي آر ايم جيمز ۽ نواز مسيح شهيد ٿي ويا، تاريخ اڃان تائين انهن شهيدن جي خون متعلق خاموش آهي ته انهن جي قتل جو مقدمو ڪنهن مٿان داخل ٿيو، ڇا انهن جو مقدمو داخل به ٿيو يا نه؟ ها پر ائين ضرور ٿيو ته ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي مسيحي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، انهن مان ڪجهه اڳواڻن کي صوبي مان بدر ڪيو ويو، اهڙي طرح راولپنڊي جي جلوس جي الزام تحت ڪرنل (ر) جارج ايبل ۽ پروفيسر سلامت اختر تي قتل جي ارادي ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس ٺاهي انهن کي جيل موڪليو ويو، سيالڪوٽ ۾ به ڪيترن ئي مسيحي ڪارڪنن کي امن امان خراب ڪرڻ جي الزام هيٺ عتاب ۾ آندو ويو، انهن ڪارڪنن ۾ عمانوئيل ظفر، گلزار چوهاڻ، چوڌري اي حميد، ڊاڪٽر ار، ايم حر ۽ ٻيا ڪارڪن شامل آهن، مسيحين تي ايڏا ظلم ڪرڻ باوجود حڪومت پاڪستان کي پوئتي هٽڻو پيو، حڪومت انهن کان کسيل ادارن کي ته واپس نه ڪيو پر 1973 جي آئين ۾ نامزدگين جي بنياد تي غير مسلمانن کي قومي اسمبلي جون 6 سيٽون ڏنيون ويون، جنهن ۾ چئن سيٽن تي مسيحي، هڪ تي هندو ۽ هڪ تي احمدي کي آندو ويو، ائين ملڪ جي ان جمهوري دور ۾ به غير مسلمانن جي هٿ ۾ رڳو نامزدگيون ئي آيون ۽ انهن نامزدگين جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اسيمبلي جي وچ مدت دوران جڏهن هڪ نامزد ميمبر جو موت ٿيو ته ان جي جاءِ تي ان جي بيواهه نجمه اينڊريوز کي نامزد ڪيو ويو پر اها مهرباني به رڳو قومي اسمبلي تائين محدود هئي ۽ صوبائي اسمبلين لئه اهڙو ڪو نظام نه ٺاهيو ويو هو ۽ انهن لاءِ 1976 ۾ آئين ۾ ڇهين ترميم ڪري ڌرتيء جي انهن وارثن لئه صوبائي اسيمبلي ۾ به جڳهه ٺاهي وئي، ان مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته 1973 ۾ اتفاق سان آئين کي پاس ڪندڙ معزز ميمبرن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هئي ته هن ڌرتيء تي غير مسلمان ٻار به رهن ٿا، گڏوگڏ اها به خبر پئي ته شهيد ٿيندڙ ٻن مسيحن جي رت جي بدلي 7 مسحين قومي اسمبلي ۾ ويهڻ جا مزا ورتا ۽ بيگم نجمه ريواز به پنهنجي مڙس جي موت بعد اسمبلي پهتي.
ڏٺو وڃي ته انهن ئي شهيدن جي ڪري هن وقت تائين 300 جي لڳ ڀڳ غير مسلمان سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي چڪا آهن پر شايد ئي انهن مان ڪنهن کي شهيد ٿيل انهن ماڻهن مان ڪنهن هڪ جو به نالو ياد هجي، پوءِ 1979 ۾ جنرل ضياء الحق جي مارشل لا دور جي شروعات ٿي ته هن 1982 جي اسيمبلي ۾ به ان نامزدگين واري سسٽم کي قائم رکيو ۽ ان وقت اسيمبلي جو نالو تبديل ڪري مجلس شوري رکيو ويو، ان کانپوء 1985 ۾ هڪ نئين چونڊ طريقي کي غير مسلمان پاڪستانين لاءِ مقصد بڻايو ويو، يعني انهن لاءِ الڳ چونڊ نظام متعارف ڪرايو ويو جيڪو 1985 کان 1997 تائين جاري رهيو، ان الڳ چونڊ نظام جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته 1985 ۾ پاڪستان جي 38سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غير مسلمان پاڪستانين کي پنهنجا نمائندا پاڻ منتخب ڪرڻ جو حق ڏنو ويو، جي ها 1985 ۾ پاڪستان ٺهڻ جي تقريبا 38 سالن کانپوءِ غير مسلمان پاڪستان کي چونڊن ۾ پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ ان ئي چونڊن جي عمل کي ڪنهن به طريقه ڪار کان سواءِ ئي اقليتن مٿان مڙهيو ويو، اهڙي طرح اقليتي ميمبرن لاءِ سڄو پاڪستان قومي اسمبلي ۽ پورو صوبو صوبائي اسمبلي بڻايو ويو، جيڪو نمائندگي ڏيڻ جي نالي تي اقليتي ماڻهن سان سنگين مذاق هئي ڇو ته ان طريقي سان قومي اسمبلي جي رڪن کي سڄي پاڪستان ۾ اڇوتن وانگيان پنهنجن ماڻهن کان ووٽ گهرڻا پون پيا.
پاڪستان جا غير مسلم پاڪستاني خاص طور تي ڪجهه مسيحن کي ڇڏي مجموعي طور تي هونئن به مالي طور تي ڪمزور آهن ۽ انهن لئه اهو هڪ وڏو امتحان هو ته سڄو ملڪ ۽ صوبو هنن لئه چونڊ تڪ بڻجي ويو، ڇو جو مسيحي ملڪ جي چئني صوبن ۾ موجود آهن ۽ انهن کي ووٽ وٺڻ لاءِ سڀني صوبن جو سفر ڪرڻو پيو، مالي ڪمزوري هوندي به انهن ويچارن 1985 1988 19901993 ۽ 1997 جي غير مسلمانن لاءِ الڳ چونڊن جي نظام تحت 5 ڀيرا اليڪشن ۾ حصو ورتو، ان نظام جو ثمر 1999 تائين نمائندن کي ملندا رهيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪي مٿي ڦريل نمائندا ان نظام خلاف آواز به اٿائيندا رهيا پر گهڻا نمائندا وڏي شوق سان ان نظام تحت چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا، ان نظام تحت غير مسلمان پاڪستانين کي پنهنجا نمائندا ته ملي ويا ۽ انهن جي سياسي تربيت به ٿي پر ان نظام جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو ته غير مسلمان پاڪستانين جي ٻارن کي قومي ڌاري مان ئي ڌار ڪيو ويو ۽ اها ان نظام جي سڀ کان وڏي خرابي هئي، ان نظام تحت غير مسلمان ووٽر لاءِ حلقي جي نمائندي کڻي اهو سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو رڪن ڇو نه هجي پر اهو پنهنجي علائقي جي غير مسلمان ووٽر سان هزارين سال اڳ واري برهمڻ ۽ شودر واري طريقي تحت ملڻ لڳو پر تنهن هوندي به غير مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ واري دعويدارن کي جس هجي جن اهڙي چونڊ طريقي ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو ۽ وڏا وڏا عزت دار ان نظام تحت رضا خوشيءَ سان شودر ٿيڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ قومي ڌاري کان ڪٽجڻ باوجود رڳو اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ ٿي خوش رهيا ۽ ان نظام جو سڀ کان وڏو نقصان عام غير مسلمان پاڪستاني شهرين کي ٿيو ڇو جو ان نظام تحت پنهنجي پنهنجي برادري کان ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندڙ نمائندا بعد ۾ پنهنجي مرضي مطابق اقتدار خاطر ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿي ٿي ويا ۽ اهو جمهوريت سان هڪ وڏو ظلم هو. (جاري )