سائوٿهمپٽن ٽيسٽ ڊرا، انگلينڊ سيريز کٽي ورتي

سائوٿهمپٽن؛ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ميچ بغیر نتيجي جي ختم ٿي وئي.
انگلينڊ سيريز 1-0 تان کٽي ورتي. پاڪستان پهرين اننگز ۾ فالو آن جو شڪار ٿيڻ بعد ٻي اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون. راند ختم ٿيڻ تي بابر اعظم 63 ۽ فواد عالم بغير ڪنهن سڪور جي ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ لاءِ جيمي اينڊرسن ٻه ۽ براڊ ۽ روٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔