سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 880 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 880 نوان ڪيس ظاهر جڏهن ته وائرس وڌيڪ 22 حياتيون ڳڙڪائي ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي ساهه پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس کي وڌيڪ 91383 ماڻهن شڪست ڏئي ڇڏي، وائرس سبب متاثر مريضن جو ڪل انگ هڪ لک 12 هزار 118 ٿي ويو. سنڌ ۾ وائرس سبب فوتين جو ڪل انگ 1974 ٿي چڪو آهي. وڏي وزير موجب ڪراچي مان 267 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد مان 67، خيرپور 42، سانگهڙ مان 37، سکر مان 31 نوان ڪيس سامهون آيا. شهيد بينظير آباد مان28، ميرپورخاص ۽ سجاول مان 22_22 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. لاڙڪاڻو مان13، شڪاپور مان 11، جيڪب آباد، ڄامشورو ۽ مٽياري مان 7_7 ڪيس ظاهر ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔