لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر انور علي ڪوچنگ جي ميدان ۾ قدم رکيو آهي.38 سالن جي انور علي کي آمريڪا جي مائنر ليگ ۾ ”شڪاگو“ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.”ڪنگز مين شڪاگو“ (Kingsmen Chicago) سرڪاري طور تي انور علي جي ڪوچ طور مقرري جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪا جي مائنر ليگ ڪرڪيٽ 17 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻ واري آهي.قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته انور علي 16 ٽي-20 ۽ 22 ون ڊي (ODI) ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
تبصرے بند ہیں۔