وزيراعظم طرفان هارين، نوجوان ڪاروباري ماڻهن ۽ گهر جي خواهشمندن کي آسان شرط تي قرض ڏيڻ جون هدايتون

اسلام آباد:  وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايڪسز ٽو فنانس پلان 2026-28 بابت جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم، زرعي شعبي ۽ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (ايس ايم ايز) لاءِ فنانسنگ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وزيراعظم چيو ته بينڪ ۽ مالي ادارا هارين، ايس ايم ايز ۽ هائوسنگ شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جڏهن ته قرضن جي فراهمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ بينڪن جي حڪومت حوصلا افزائي ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي سستي رهائش، هارين کي آسان شرطن تي قرض ۽ ننڍي وچولي درجي ڪاروبارن کي مالي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته زرعي شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ قومي ذميواري آهي. وزيراعظم هارين کي بنا رڪاوٽ ۽ آسان شرطن تي مالي وسيلن تائين رسائي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي لاءِ سستي رهائش جي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي. صوبائي چيف سيڪريٽرين کي اهڙين ملڪيتن جو جامع سروي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، جتي گهر ٺاهڻ جي خواهشمند ماڻهن کي ”وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم“ تحت بينڪن کان قرض فراهم ڪري سگهجي.

اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ”وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم“ لاءِ هن وقت تائين هڪ لک 47 هزار 504 درخواستون وصول ٿي چڪيون آهن، جن مان 53 هزار 127 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. منظور ٿيل درخواستن جي مجموعي ماليت 313 ارب 42 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته 8 هزار 739 درخواستگذارن کي 45 ارب 43 ڪروڙ رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. بريفنگ موجب ملڪ ۾ مورگييج جون شرطون پوريون ڪندڙ پلاٽن جي نشاندهي لاءِ نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو پائلٽ منصوبو اسلام آباد کان شروع ٿيندو. زرعي شعبي لاءِ بينڪن جي قرضن جو حجم آگسٽ 2026ع ۾ هڪ کرب 26 ارب 80 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته Access to Finance Plan 2026-2028 تحت جون 2028ع تائين اهو هدف 2 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

”زرخيز“ ايپ ذريعي آسان قرضن لاءِ 35 هزار 838 درخواستون مليون، جن مان 7 ارب 35 ڪروڙ رپين جا قرض منظور ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ارب 96 ڪروڙ رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. ايس ايم اي شعبي لاءِ آگسٽ 2026ع تائين بينڪن جي قرضن جو حجم هڪ کرب 6 ارب 70 ڪروڙ رپيا رهيو، جڏهن ته جون 2028ع تائين ان کي 2 کرب رپين تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سميڊا گذريل ٽن مهينن دوران هڪ هزار 96 ايس ايم ايز کي مالي خواندگي بابت تربيت پڻ ڏني.

اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن خان چيمه، رانا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين، آءِ بي آر ڊي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ پاڪستاني بينڪن جي صدرن ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سميت لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔