ترڪي پاران ٽن سالن لاءِ دفاعي خرچن ۾ 229 سيڪڙو اضافو

انقره : ترڪي نئين وچولي مدت جي اقتصادي منصوبي تحت دفاعي خرچن ۾ 229 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.ترڪ ميڊيا موجب، نائب صدر سيوديت يلماز 2027 کان 2029 تائين ٽن سالن لاءِ ملڪ جو اقتصادي منصوبو پيش ڪندي چيو ته دفاعي صنعت ۾ اسان جو مقصد هڪ اهڙو ترڪي ٺاهڻ آهي جيڪو پنهنجي ٽيڪنالاجي ترقي ڪري ۽ پيداوار وڌائي، اسان دفاعي خرچن ۾ 229 سيڪڙو اضافو ڪري رهيا آهيون.ترڪ نائب صدر چيو ته افراط زر ۾ گهٽتائي جو رجحان شروع ٿي چڪو آهي، ۽ حڪومت افراط زر جي خلاف جنگ ۾ اهم ترقي ڪئي آهي.سيوديت يلماز وڌيڪ چيو ته عالمي خطرا ترڪي جي معيشت کي متاثر ڪري رهيا آهن. عالمي معيشت تازو هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي آهي جتي معاشي، ٽيڪنالاجيڪل ۽ جيو پوليٽيڪل تبديليون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن.

تبصرے بند ہیں۔