والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي دعويٰ رد

اسلام آباد:  پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي بيان بابت سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت بي بنياد ڀارتي دعوائن کي رد ڪري ٿو، ڀارت جا هڪ طرفا قدم والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿا ڪري سگهن، ۽ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻا حل نه ٿيل تڪرار آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪشميري عوام جي راءِ شماري ذريعي ڪيو وڃي، ۽ راءِ شماري گڏيل قومن جي نگراني ۾ ڪشميري عوام جي مرضي مطابق ٿيڻ گهرجي.ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سرڪاري نقشن ۾ به والاريل ڪشمير کي هڪ تڪراري علائقي طور ڏيکاريو ويو آهي، ۽ نام نهاد ڀارتي سرڪاري نقشن ۽ خودمختياري جي هڪ طرفي دعوائن جي ڪا قانوني حيثيت ناهي.پرڏيهي آفيس مطالبو ڪيو ته ڀارت فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيون بند ڪري، عالمي برادري ڀارت کي ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ تي مجبور ڪري، ۽ ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جو احترام سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مطابق ڪيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔