اسلام آباد: پمز سانحي کي 48 ڪلاڪ گذري ويا پر ماحول ڏکويل آهي. جاچ ڪميٽي طرفان اڄ وزيراعظم کي عبوري رپورٽ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم جي هدايت تي قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي جي جاچ جاري آهي.
ذريعن موجب پمز جي لاڳاپيل ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، جوائنٽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز سميت لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته جاچ ڪميٽي باهه لڳڻ جا سبب ۽ ريسپانس بابت سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو ورتو.
جاچ ڪميٽي جي ميمبرن گذريل ڏينهن فائر برگيڊ هيڊ ڪوارٽر جو دورو به ڪيو. ڪميٽي ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز جي آفيسرن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ شامل عملي جا بيان قلمبند ڪري ورتا.
ڪميٽي باهه لڳڻ سبب ريسڪيو ٽيمن جي پهچڻ تائين جي ٽائيم لائن به چيڪ ڪئي. جڏهن ته فائر برگيڊ جي رسپانس ۽ ڪارروائي جو جائزو ورتو. جاچ ڪميٽي ريسڪيو آپريشن ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن ۽ پريشانين بابت به ڄاڻ حاصل ڪئي.
وزيراعظم طرفان ٺاهيل ڪميٽي جو چيئرمين رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري شاهد خان آهي. ميجر جنرل ڊاڪٽر خورشيد اُترا، ڊاڪٽر بيرسٽر نبيل احمد اعواڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد به ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل آهن.
وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي کي 48 ڪلاڪن ۾ عبوري رپوٽ پيش ڪرڻي آهي. جڏهن ته جاچ ڪميٽي پنجن ڏينهن ۾ مڪمل جاچ ۽ سفارشن تي ٻڌل رپورٽ پڻ پيش ڪندي.
تبصرے بند ہیں۔