سينيٽ اجلاس: پمز سانحي تي بحث، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو، هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي قرارداد منظور

اسلام آباد:  سينيٽ جي اجلاس ۾ پمز سانحي تي شديد بحث سامهون آئي، جنهن ۾ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو سامهون آيو، جڏهن ته هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي قرارداد به منظور ڪئي وئي.

سينيٽ اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر منظور احمد ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس معمول جي ڪارروائي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي سينيٽر شيري رحمان تحريڪ پيش ڪئي. جنهن کان پوءِ سينيٽ معمول جي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي ۽ پمز سانحي تي بحث شروع ڪئي وئي. سينيٽ ۾ پمز سانحي تي بحث جي لاءِ سوالن جو وقفو به معطل ڪيو ويو. جنهن جي تحريڪ شيري رحمان پيش ڪئي.

اجلاس ۾ حڪومت طرفان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن تنظيم جو نئون ترميمي بل 2026 واپس ورتو ويو. بل واپس وٺڻ جي تحريڪ آءِ ٽي واري وزير جي جڳهه مملڪتي وزير طلال چوڌري پيش ڪئي. سينيٽر علي ظفر پمز واقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي واقعي جي مڪمل انڪوائري جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پمز واقعي جي ذميواري هر انهي شخص تي آهي جيڪو بجيٽ پاس ڪرڻ ۾ شامل هو. هن چيو ته اسان صحت جي بجيٽ تي ڪٽ جو غريب ماڻهو جي صحت تي اثر پوڻ جي نشاندهي ڪئي هئي.

سينيٽر علي ظفر مطالبو ڪيو ته معاملي تي سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن جي سربراهي اپوزيشن جو ڪوبه ميمبر ڪري، ڪميٽي ۾ 50 سيڪڙو  حڪومتي ۽ 50 سيڪڙو اپوزيشن ميمبر هجڻ گهرجن جڏهن ته ڪميٽي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز ٺاهي. هن مطالبو ڪيو ته معاملي تي سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن جي سربراهي اپوزيشن جو ڪوبه ميمبر ڪري. ڪميٽي ۾ 50 سيڪڙو حڪومتي ۽ 50 سيڪڙو اپوزيشن ميمبر هجڻ گهرجن. جڏهن ته ڪميٽي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز ٺاهي.

سينيٽر پرويز رشيد خيالن جو اظهار ڪندي سي ايم ايڇ جي نظام کي پمز ۾ به فالو ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته سي ايم ايڇ ۾ سپاهي کان جنرل تائين جو علاج ٿيندو آهي.، اتي اهڙن واقعن جي ڪڏهن به نشاندهي نه ٿي آهي. هن پمز سانحي کي وڏو الميو قرار ڏيندي چيو ته اهو پهريون الميو نه هو اهڙا واقعا روز ٿيندا آهن. پرويز رشيد چيو ته روزاني الميو ٿيندو آهي ماڻهو روئيندا آهن ۽ پوءِ اڳيان روانا ٿي ويندا آهن. اهڙا الميا ختم نه ٿيندا. هن چيو ته ڪميٽيون به ٺهنديون آهن جاچ به ٿيندي آهي ۽ سزا جزا به ٿيندي آهي پر انهي جي باوجود مسئلو برقرار رهندو آهي.

سينيٽ ۾ پمز سانحي تي بحٿ دوران فلڪ ناز چترالي چيو ته صحت وارو وزير سينيٽ اجلاس ۾ پمز جا قصيدا پڙهي رهيو هو. انهي کي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي. هن چيو ته واقعي جي ڏينهن پمز ويس ته سيڪيورٽي گارڊ ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته ٻار شاپنگ بي ۾ والدين کي ڏنا ويا ۽ چيو ويو ته ڪنهن کي نه ٻڌائجو هتان کان هليا وڃو. هن چيو ته هنن کان اسلام آباد ۾ 2 اسپتالون سنڀاليون نٿيون ٿين ۽ اهي ٽپا ڏيندي چون ٿا ته اسان نوان صوبا ٺاهينداسين.

فلڪ ناز چترالي جي تقرير تي مسلم ليگ(ن) جي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرز احتجاج ڪيو. مملڪي وزير طلال چوڌري چيو ته پهريان طئي ڪري وٺو ته سياست تي ڳالهائڻو آهي يا پمز واقعي تي هن چيو ته پمز واقعي تي ڳالهين جي بجاءِ آخر ۾ هي چور کي کڻي آيا.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته سڀني کان وڌيڪ عوام جو خادم وزير هوندو آهي. اسان عوام جا نوڪر آهيون ۽ عوام شهنشاهن کان ٿڪجي چڪو آهي. عوام چوي ٿو ته اسان کي سهولت گهرجي، ماڻهو ايوانن مان نااميد ٿي چڪا آهن. هن سانحي تي جاچ لاءِ هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو.

وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا شاهد خان جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻئي ڪميٽي وزيراعظم ڊاڪٽر ڪياڻي جي سربراهي ۾ ٺاهي آهي حڪومت سانحي تي ڏکويل آهي ۽ سنجيده به آهي.

اپوزيشن اڳواڻ راجه ناصر عباس چيو ته پمز اسپتال جي اي ڊي جي باري ۾ ڇا چيو ويو آهي ته انهي جي خلاف سپريم ڪورٽ جا ڪيس آهن. هن چيو ته مختلف پارليامينٽريز انهي اي ڊي جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهي جي باوجود انهي کي ناهي هٽايو ويو. اي ڊي کي وزيراعظم به نٿو هٽائي سگهي، سوال اهو آهي ته نااهل ماڻهو کي ڪنهن مقرر ڪيو هو. ايتري وڏي الميي کان پوءِ به انهي نااهل شخص کي ناهي هٽايو ويو. هن سڀني کان پهريان اي ڊي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، انهي شخص جي موجودگي ۾ شفاف جاچ ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

راجه ناصر عباس چيو ته اهو حادثو نه ٻارن جو قتل آهي انهي تي سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهي وٺي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيڪڏهن پمز ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اها قتل جي سازش آهي. هن سينيٽر پرويز رشيد جي تائيد به ڪئي ته پاڪستان جي حڪومت کان پگهار وٺندڙ ڪنهن شخص کي نجي اسپتال ۾ علاج جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ٻارن جي والدين کي پريشرائز ڪيو پيو وڃي ته اهي نه ڳالهائين.

انهي کان پوءِ وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جي ايوان ۾ خطاب کان اڳ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. سينيٽر مشعال يوسفزئي چيو ته پهريان اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، پوءِ وزير جي ڳالهه ٻڌو مصطفيٰ ڪمال چيو ته مون کي جواب ڏيڻ جو شوق نه آهي مان ويهي ٿو رهان.

وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو ته اهو المناڪ واقعو آهي جنهن جي ڪابه توجيح نه آهي. هن چيو ته مون پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو آهي. مصطفيٰ ڪمال ڪميٽي ٺاهڻ جي حمايت ڪئي پر چيو ته انهي تي وقت جي قيد نه لڳائي وڃي. هن چيو ته هڪ سال ۾ 4 لک ٻار مري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ روزاني 1300 ٻار مري رهيا آهن فوتگين ۾ دنيا ۾ سڀني کان پهريون نمبر اسان جو آهي هن چيو ته هر سال 11 هزار مائرون ويم جي دوران فوت ٿي وينديون آهن.

مصطفيٰ ڪمال ايوان کي يقين ڏياريو ته ڪنهن به هڪ شخص کي نه ڇڏيو ويندو. وزارتن جي لاءِ اسان پنهنجي قبر خراب نه ڪنداسين  سموري هيلٿ ڪيئر نظام کي بهتر ڪرڻو آهي پوءِ ڪوبه ايم اين اي يا سينيٽر ڪنهن ڊاڪٽر جي لاءِ فون نه ڪري. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڀني جا ماڻهو اتي مقرر ٿيل آهن. هن ٻڌايو ته هڪ ٻار کي بچايو ويو آهي انهي کي به اسٽاف بچايو آهي. انهي دوران سينيٽر شيري رحمان پمز سانحي جي جاچ لاءِ هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي قرارداد پيش ڪئي. شيري رحمان قرارداد پيش ڪندي چيو ته چيئرمين سينيٽ اها ڪميٽي جوڙي، جنهن کان پوءِ ايوان قرارداد کي منظور ڪري ورتو.

 

تبصرے بند ہیں۔