ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ويٽرنري صحت، جانورن جي بيمارين جي نگراني ۽ سائنسي تحقيق جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي سنڌ اينمل ڊزيز سرويلنس سينٽر (SADSC) پاران پالتو ٻلي جو پهريون سائنسي پوسٽ مارٽم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب اها اڳڀرائي سنڌ ۾ جديد ويٽرنري نظام جي قيام ڏانهن اهم قدم آهي.ٻن مهينن جي پرشين نسل جي پالتو ٻلي ”ليوناڊاس“ جو سائنسي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن دوران ماهرن کي ٻلي جي ڦڦڙن ۾ پاڻي، جگر جي وڌڻ جون نشانيون، پيٽ ۾ رت گڏ ٿيڻ ۽ مدافعتي ردعمل جا ثبوت مليا. ماهرن جي تشخيص موجب ٻلي جي موت جو بنيادي سبب غير مطابقت رکندڙ رت جي منتقلي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پوسٽ مارٽم دوران حاصل ٿيل اهم طبي ۽ سائنسي شاهديون وڌيڪ تشخيصي عمل لاءِ پڻ استعمال ڪيون ويون. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته پالتو جانور جو سائنسي پوسٽ مارٽم سنڌ ۾ ويٽرنري ميڊيسن جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويٽرنري شعبي کي سائنس، جدت ۽ جديد اداراڻي نظام ذريعي مضبوط بڻائي رهي آهي، جڏهن ته بيمارين جي نگراني، بروقت تشخيص ۽ شواهد تي ٻڌل علاج لاءِ سنڌ اينمل ڊزيز سرويلنس سينٽر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مراد علي شاهه ڪامياب پوسٽ مارٽم تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جديد ويٽرنري تشخيصي مرڪز جانورن جي ڀلائي سان گڏ عوامي صحت جي تحفظ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. سندس چوڻ هو ته سائنسي ويٽرنري سهولتن جي فراهمي سان پالتو جانورن ۽ چوپائي مال جي مالڪن جو پروفيشنل علاج ۽ جديد تشخيص تي اعتماد وڌيڪ وڌندو. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ ويٽرنري تشخيص ۽ جانورن جي بيمارين جي نگراني ۾ اڳواڻي واري حيثيت حاصل ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ويٽرنري ليبارٽرين ۽ سائنسي صلاحيتن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڇاڪاڻتہ جانورن جي صحت کي درپيش نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد سائنسي صلاحيتن ۾ واڌ ضروري آهي. لائيو اسٽاڪ کاتي جي اختيارين موجب پالتو ٻلي جو هي پوسٽ مارٽم سنڌ ۾ جديد ۽ شواهد تي ٻڌل ويٽرنري نظام جي تشخيصي صلاحيت جو عملي ثبوت آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ پڻ ان اڳڀرائي کي جانورن جي صحت ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ نئين معيار جي قيام سان تعبير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جانورن جي صحت جون خدمتون عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ويٽرنري ادارن جي استعداد وڌائڻ سان سنڌ ۾ جانورن جي بيمارين جي بروقت سڃاڻپ، علاج ۽ نگراني جون سهولتون وڌيڪ بهتر ٿينديون، جڏهن ته جديد سائنسي تحقيق جانورن جي صحت سان گڏ انساني صحت جي تحفظ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي.
تبصرے بند ہیں۔