پاڪستان جي الجزائر کي شڪست، راؤنڊ آف 16 ۾ پهچي ويو

دبئي : انڊر 17 ورلڊ والي بال چئمپين شپ ۾ پاڪستان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي الجزائر کي زبردست شڪست ڏئي ايندڙ مرحلي (راؤنڊ آف 16) لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪستان مسلسل ٽن سيٽن ۾ 25-17، 25-17 ۽ 25-17 تان ڪاميابي حاصل ڪري حريف کي 0-3 تان مائٽ ڏني.ميچ دوران پاڪستان اٽئڪ مان 37، بلاڪ مان 11 ۽ سروس مان 4 پوائنٽس حاصل ڪيون، جڏهن ته الجزائر کي سندن ئي غلطين مان 23 پوائنٽس جو فائدو مليو. پاڪستاني رانديگر فھد 20 پوائنٽس (16 اٽئڪ ۽ 4 بلاڪ) حاصل ڪري ميچ جو بهترين ۽ نمايان اسڪورر رهيو.

تبصرے بند ہیں۔