في لٽر پيٽرول تي 130 روپيا کان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد:  پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اصل قيمتن کان علاوه شهري مسلسل وڌندڙ ٽيڪس، ليوي ۽ ڊيلر مارجن جو ٻوجهه برداشت ڪري رهيا آهن. شهري هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 130 رپيا 75 پئسا، جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 122 رپيا 47 پئسا ليوي، ٽيڪسز ۽ مارجنز ادا ڪري رهيا آهن. ڊيزل جي بنيادي لاڳت 245 رپيا 82 پئسا آهي، جڏهن ته ان جي حڪومتي قيمت 368 رپيا 29 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل تي مجموعي طور 122 رپيا 47 پئسا ليوي، ٽئڪسز ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ ڪيا پيا وڃن.

تبصرے بند ہیں۔