نيويارڪ: يورپي يونين اسرائيل جي اي ون آبادڪاري واري منصوبي جي مخالفت ڪندي اسرائيلي حڪومت کان منصوبي جو ٽينڊر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي اسرائيل جي اي ون مغربي ڪناري جي آبادڪاري واري منصوبي جي مخالفت ڪندي اسرائيلي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اهو اي ون منصوبي جو ٽينڊر واپس وٺي.
يورپي يونين جي نمائندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اي ون سميت مغربي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاريون عالمي قانون جي تحت غيرقانوني آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي جي تحت ٿيل تعميرات مغربي ڪناري کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ اوڀر يروشلم کي ڌار ڪري ڇڏيندي. جنهن سان ٻن رياستي حل جي قابل عمل هجڻ جا امڪان وڌيڪ متاثر ٿيندا.
يورپي يونين اسرائيلي پراسيڪيوٽرز طرفان هلندڙ ڏينهن ۾ آبادڪارن جي تشدد جي ڪجهه واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو.
يورپي يونين اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو منصوبي سميت ٻين سمورين يهودي آبادڪاري جي واڌ جون سرگرميون روڪي ۽ آبادڪارن جي تشدد جي ذميوارن خلاف ڪارروائي يقيني بنائي.
ياد رهي ته اسرائيلي عالمي مخالفت جي باوجود والاريل بيت المقدس ۾ اي ون آبادڪاري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي، نيدرلينڊز، ناروي ۽ ڪينيڊا گڏيل بيان ۾ تعميراتي ٽينڊرز جاري ڪرڻ جو فيصلو نه قبول ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي.
ياد رهي ته انهي کان اڳ برطانيه اسرائيل طرفان نئين تڪراري يهودي آبادڪاري واري منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪرڻ جي مذمت ڪندي اسرائيلي ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاج پڻ ڪيو هو.
تبصرے بند ہیں۔