واشنگٽن: آمريڪا جو مجموعي سرڪاري قرض پهريون ڀيرو 40 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي. آمريڪي خزاني واري کاتي اربع ڏينهن اها ڳالهه ٻڌائيندي خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ مالي بحران جا خدشا وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ قرض تي وياج جي وڌندڙ خرچن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيڪس ۾ گهٽتائي سبب سرڪاري آمدني ان رفتار سان نٿي وڌي.
رائٽرز موجب خزاني واري کاتي جي تازي روزاني نقد ۽ قرضن جي انگن اکرن موجب، اڱاري ڏينهن آمريڪا جو مجموعي بقايا سرڪاري قرض 40.047 ٽريلين ڊالر تائين پهچي ويو. ان ۾ عوام وٽ موجود خزاني جي سيڪيورٽيز جو قرض 32.266 ٽريلين ڊالر ۽ حڪومتي ادارن جي هڪ ٻئي وٽ موجود قرضن جي رقم 7.782 ٽريلين ڊالر شامل آهي.
وفاقي حڪومت جو قرضي بار هاڻي هڪ ڏهاڪي کان به گهٽ عرصي ۾ ٻيڻو ٿي چڪو آهي. جنوري 2017ع ۾ جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهريون ڀيرو عهدو سنڀاليو هو، تڏهن اهو قرض 19.95 ٽريلين ڊالر هو. ان اضافي قرض جو لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي ٽي حصو ڪووڊ-19 وبا دوران حڪومت جي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن سالن تائين وڏي پيماني تي قرض کڻڻ سبب وڌيو، جنهن ۾ ٽرمپ ۽ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي دور ۾ وبا جي جواب ۾ کنيل قدم شامل هئا. باقي اضافو ٻنهي صدرن جي مالي پاليسين سان گڏ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ٽيڪس ۽ سرڪاري خرچن جي عدم توازن جو نتيجو آهي.
بجيٽ تي نظر رکڻ وارن ادارن ڪيترن ئي هفتن کان 40 ٽريلين ڊالر جي حد پار ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ سخت خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن قانون سازن غير پائيدار مالي صورتحال کي منهن نه ڏنو ۽ ٽيڪس وڌائڻ، خرچ گهٽائڻ يا ٻنهي مان ڪو قدم نه کنيو ته مڪمل نوعيت جو قرض بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.
غير جماعتي ڪميٽي فار اي ريسپانسبل فيڊرل بجيٽ جي صدر مايا ميڪ گينيس چيو ته، ”40 ٽريلين ڊالر جو قرض صرف حڪومت جي حساب ڪتاب تائين محدود ناهي؛ اهو سڄي معيشت ۾ محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ماڻهن جي کيسي تائين پهچي ٿو.“
هن چيو ته ”جيترو وڌيڪ اسان قرض کڻنداسين، اوترو ئي مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، بجيٽ جي ٻين ترجيحن لاءِ موجود گنجائش گهٽ ٿيندي ۽ اسان ملڪ اندر هنگامي حالتن ۽ ٻاهرين دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ لاءِ وڌيڪ ڪمزور ٿينداسين.“
ميڪ گينيس چيو ته قرض 39 ٽريلين ڊالر تائين پهچڻ کان صرف پنجن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ 40 ٽريلين ڊالر جي حد پار ڪري ويو. هن چيو ته گذريل 20 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ قرض چار ڀيرا وڌي چڪو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو قرض کي هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچڻ ۾ 1981ع تائين جو وقت لڳو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ”هڪ عالمي طاقت جي مالي زوال جو ايترو اڳڪٿي لائق ٿي وڃڻ حيران ڪندڙ آهي.“
پرڏيهي قرض ڏيندڙن ۾ به ڳڻتي
آمريڪا جا عالمي قرض ڏيندڙ شايد اڳ ئي محتاط ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي سيڙپڪارن، جيڪي آمريڪي خزاني جي بانڊن جو لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي ٽيون حصو رکن ٿا، انهن جي طلب گذريل هڪ سال دوران گهٽجي رهي آهي.
30 سالن واري آمريڪي خزاني جي بانڊن جي 25 ارب ڊالر جي نيلامي 2021ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ شرحِ منافع تي ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، اڱاري ڏينهن ڊگهي مدي وارن بانڊن جي شرحِ منافعا تقريباً ٻن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا. سيڙپڪار آمريڪي حڪومت پاران وڏي پيماني تي بانڊ جاري ڪرڻ جي صورتحال ۾ وڌيڪ معاوضو طلب ڪري رهيا آهن.
بانڊن جي قيمت ۽ انهن جي شرحِ منافعو هڪ ٻئي جي ابتڙ هلندو آهي؛ يعني بانڊ جي قيمت گهٽجڻ سان شرحِ منافع وڌي ٿو.
اربع ڏينهن آمريڪي خزاني واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ ڊگهي مدي وارن بانڊن جي شرحِ منافع گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو. هن اعلان ڪيو ته 10 کان 30 سالن جي خزاني جي بانڊن جي باءِ بيڪ جو حجم ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ هر آپريشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 4 ارب ڊالر رکيا ويندا.
ڊگهي مدي وارن آمريڪي خزاني جي بانڊن جي وڌندڙ شرحِ منافعو عام طور تي گهرن جي گروي قرضن، گاڏين جي قرضن ۽ ڪاروباري قرضن تي وياج وڌائي ٿو.
قرضن جو ڍير گهٽجڻ جا ڪي به واضح آثار نظر نه اچڻ باوجود ٽرمپ اربع ڏينهن ٻيهر وياج جي شرحن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو.
وائيٽ هائوس ۾ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا آمريڪين کي بانڊ مارڪيٽ ۾ لاٿ چاڙهه بابت پريشان ٿيڻ گهرجي، ته ٽرمپ چيو: ”مان بلڪل به ائين نٿو سمجهان. منهنجي خيال ۾ اسان وٽ هڪ تمام طاقتور ملڪ آهي ۽ اسان انهن مضحڪه خيز وياج جي شرحن کي برداشت ڪندي اڳتي وڌي رهيا آهيون. ڏسو، جڏهن اسان جو ملڪ مضبوط هجي ته وياج جون شرحون هيٺ اچڻ گهرجن.“
آمريڪا قرض جو وڏو سنگ ميل پار ڪري ورتو: 40 ٽريلين ڊالر
وفاقي قرض پهريون ڀيرو 40 ٽريلين ڊالر جي حد پار ڪري ويو آهي. جنوري 2025ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر وائيٽ هائوس ۾ اچڻ کان پوءِ آمريڪا جو مجموعي قرض 3.8 ٽريلين ڊالر وڌي چڪو آهي، جڏهن ته سندس اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي چئن سالن واري دور ۾ قرض لڳ ڀڳ 8.5 ٽريلين ڊالر وڌيو هو.
وبا تي خرچ، ۽ ان کان پوءِ به خزاني واري کاتي گذريل هفتي آمريڪا جي تاريخ جو چوٿين نمبر وڏو ماهوار بجيٽ خسارو ظاهر ڪيو، جيڪو جولاءِ ۾ 432 ارب ڊالر هو. ٽيرف جي رقم واپس ڪرڻ سبب ڪسٽمز مان حاصل ٿيندڙ آمدني مسلسل ٽئين مهيني منفي رهي، جڏهن ته بزرگن لاءِ سوشل سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪيئر جي فائدن تي خرچ وڌندو رهيو.
مالي سال 2026ع جي پهرين 10 مهينن دوران بجيٽ خسارو اڳ ئي سڄي مالي سال 2025ع جي مجموعي خساري کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته موجوده مالي سال ختم ٿيڻ ۾ اڃا ٻه مهينا باقي آهن.
ٽرمپ وڏي پيماني تي خرچن جي حمايت ڪندي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي اندر مالي معاملن ۾ سخت احتياط جي حامي ماڻهن جي گهٽجندڙ انگ کي گهڻو نظرانداز ڪيو آهي.
ٽرمپ جي پهرين دورِ صدارت دوران آمريڪا جو سرڪاري قرض 7.8 ٽريلين ڊالر وڌيو، جنهن مان اڌ کان وڌيڪ اضافو سندس آخري نون مهينن دوران وبا جي جواب ۾ ڪيل خرچن سبب ٿيو.
جنوري 2025ع ۾ ٽرمپ جي ٻيهر صدر بڻجڻ کان پوءِ آمريڪا جو قرض 3.8 ٽريلين ڊالر وڌي چڪو آهي، جنهن سان سندس ٻنهي دورن دوران مجموعي اضافو 11.6 ٽريلين ڊالر ٿي ويو آهي.
بائيڊن جي دور ۾ سرڪاري قرض 8.4 ٽريلين ڊالر وڌيو. ان دور ۾ به ڪووڊ-19 کان بحالي لاءِ وڏي پيماني تي خرچ ڪيا ويا، پر ان سان گڏ انفراسٽرڪچر، صاف توانائي لاءِ سبسڊيز ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ٻين ترجيحن تي به وڏا خرچ ڪيا ويا.
ڪميٽي فار اي ريسپانسبل فيڊرل بجيٽ جو اندازو آهي ته ٽرمپ ۽ بائيڊن جي پاليسي فيصلن سبب وفاقي قرض ان سطح کان به اڳتي وڌي ويو آهي، جيڪا هر صدر جي عهدو سنڀالڻ وقت موجوده قانونن تحت سرڪاري خرچن جي بنياد تي متوقع هئي.
تبصرے بند ہیں۔