ناروي جي پرڏيهي وزير جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد: ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊ سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ناروي جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي، وفدن جي سطح تي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خطي جي صورتحال ۽   عالمي معاملن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران پاڪ ناروي لاڳاپا ۽ سرمائيڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳالهيون ڪندي چيو ته ناروي جي پرڏيهي وزير کي ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان ناروي سان اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ 78 ورهين جي ڀائيواري موجود آهي. نارويجن  ڪمپنيون پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔