پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيه ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
لاهور: پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ قومي ٽيم جي موجوده هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جي ڌيءَ عاقب عاقب برطانيه ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.
عاقب جاويد، سندس گهر واري ۽ خاندان جا ٻيا ماڻهو عاقبه عاقب جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيه ۾ موجود آهن. شادي جي تقريب ۾ ڪنوار ڳاڙهي رنگ جي عروسي ڪپڙن بجاءِ اڇي رنگ جو جوڙو پاتو هو.
انهي حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ عاقبه عاقب جي دوستن کي گلدستي سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو. عاقب جاويد کي به پنهنجي ڏيءَ جو هٿ جهلي انهي کي شادي جي تقريب جي مرڪزي هنڌ تائين وٺي ويندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مختلف تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.
عقبه عاقب جي شادي برطانيه ۾ هڪ پرڏيهي نوجوان سان ٿي جنهن جون تصويرون سندس والده مشهور شاعره، مصنفه، فرزانه عاقب سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن. فرزانه عاقب طرفان فيس بڪ تي پوسٽ ڪئي وئي. جنهن ۾ هن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ جي شادي 0 آگسٽ تي برطانيه ۾ ٿي هن عقبه ۽ پنهنجي ناٺي سميت ٻنهي خاندانن جي لاءِ خوشگوار ڪامياب ۽ پرسڪون زندگي جي دعا به ڪئي.
ياد رهي ته عقبه عاقب تعليم جي حوالي سان به هڪ مضبوط پس منظر رکي ٿي. هن تقريبن 3 کان 4 سال اڳ برطانيه جي مشهور يونيورستي سسيڪس مان ميڊيا ۽ انٽرنيشنل جرنلزم ۾ گريجوئيشن مڪمل هئي. جڏهن ته عاقبه جي والده فرزانه عاقب جو شمار ادبي حلقن جي نمايان شخصيتن ۾ ٿيندو آهي. هو انگريزي شاعري ۽ ادبي تخليقات جي حوالي سان سڃاڻپ رکي انهي جي فيس بڪ پيج تي 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو فالو ڪندا آهن.
تبصرے بند ہیں۔