حڪومت سان ڳالهيون ناڪام، آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ جي هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري

ڪراچي:  آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري آهي جنهن جي ڪري عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون جنهن کان پوءِ هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ملڪ شهزاد اعواڻ جو چوڻ هو ته ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻي، اسان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا پر مطالبن تي واضح اڳڀرائي ضروري آهي.

ياد رهي ته آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني هيٺ مٿانهين جي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

گذريل ڏينهن حڪومت سان ٿيندڙ ڊگهين ڳالهين ۾ وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ٽرانسپورٽرز جي مطالبن کي جائز قرار ڏيندي انهي تي اڳڀرائي جي يقين دهاني ڪرائي هئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيندو جنهن ۾ ٽرانسپورٽرز پنهنجا سمورا مطالبا حڪومت جي سامهون رکندا.

 

تبصرے بند ہیں۔