آمريڪي فوج ايراني سرزمين تي قدم رکيو ته کين زندهه نه ڇڏينداسين

تهران: ايراني زميني فوج (بَري فوج) جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل علي جهانشاهي آمريڪا کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به آمريڪي فوجيءَ ايران جي سرزمين تي قدم رکڻ جي غلطي ڪئي ته کيس زندهه واپس نه ڇڏيو ويندو.ايراني ميڊيا موجب برگيڊيئر جنرل علي جهانشاهي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران جي خودمختياري خلاف دشمن جي ڪنهن به جارحاڻي قدم يا ڪارروائيءَ جو نهائيت اثرائتو، ڀرپور ۽ سخت ترين جواب ڏنو ويندو.ايراني فوج جي ڪمانڊر وڌيڪ چيو ته ايران جون زميني افواج هن وقت مڪمل طور جنگي حڪمتِ عمليءَ ۽ الرٽ حالت ۾ آهن. ملڪ جي سمورين بحري، زميني ۽ فضائي سرھدن تي اعليٰ سطح جي ڪڙي نگراني جاري آهي.

ايران جي بحري ناڪا بنديءَ تحت وڌيڪ 55 تجارني جهازن جو رخ موڙيو ويو: سينٽڪام
واشنگٽن (نيوز ڊيسڪ): آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) دعويٰ ڪئي آهي ته ايران خلاف جاري بحري ناڪي بنديءَ (Naval Blockade) تحت وڌيڪ 55 تجارني بحري جهازن کي روڪي انهن جو رخ موڙيو ويو آهي.آمريڪي فوج جي ترجمان موجب هي تعداد گذريل ڏينهن ٻڌايل 53 تجارني جهازن جي مقابلي ۾ 2 وڌيڪ آهي.سينٽڪام جي جاري ڪيل بيان موجب هن وقت مشرقِ وسطٰي ۽ خليجي سمنڊي علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ آمريڪي جنگي بحري ٻيڙا (Warships) تعينات آهن. اهي ٻيڙا ايران خلاف سخت بحري حصار ۽ نالي بنديءَ تي عملدرآمد سميت مختلف ملٽري مشنز ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔