لاهور هاءِ ڪورٽ ايل پي جي ڪمپنين جي اضافي پريميم وصولي فوري طور روڪي ڇڏي

لاهور:   لاهور هاءِ ڪورٽ ايل پي جي ڪمپنين جي اضافي پريميم وصولي فوري طور تي روڪي ڇڏي. عدالت اضافي پريميم جي وصولي خلاف حڪم امتناعي جاري ڪندي اوگرا ۽ سمورين لائسنس هولڊر  ڪمپنين کان جواب طلب ڪري ورتو.

ايل پي جي جي اضافي پريميم وصولي جي معاملي تي اوگرا ۽ لاڳاپيل ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ويو. جسٽس مرزا وقاص رئوف لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيل بابر مرتضيٰ خان  جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار 40 کان وڌيڪ ڪمپنين طرفان صدر لاهور هاءِ ڪورٽ بار بابر مرتضيٰ دليل ڏنا. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايل پي جي ڪمپنيون اضافي پريميم جي نالي تي غيرقانوني وصولي ڪري رهيون آهن. مارڪيٽنگ ڪمپنين کان اضافي پريميم جي وصولي قانون جي خلاف آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته گيس عام ماڻهو جي استعمال جي شيءَ آهي ڪمپنين کي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. اضافي پريميم جي وصولي سان شهرين کي مهانگي گيس خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔