ڪراچي: ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ 18 مهينن جي ٻارڙي جي ٻارڙي کي مبينه زيادتي کان پوءِ قتل جي افسوسناڪ واقعي تي پاڪستاني شوبز شخصيتن ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
فريڻه الطاف، عدنان صديقي، ثنا بلوچ سميت ڪيترين ئي مشهور شوبز شخصيتن سوشل ميڊيا تي پنهنجن پيغامن ۾ انهي سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ احتياط ۽ آگاهي تي زور ڏنو.
اداڪاره ۽ ميزبان فريحه الطاف سوشل ميڊيا تي وڊيو پيغام ۾ چيو ته مان شديد صدمي ۾ آهيان ملڪ ۾ اهڙا واقعا ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي، اهو انتهائي خوفناڪ ڏوهه آهي. فريحه الطاف چيو ته ٻارن سان جنسي زيادتي جا وڌيڪ واقعا اهڙن ماڻهن طرفان ٿيندا آهن جن کي خاندان سڃاڻيندو آهي ۽ انهن تي ڀروسو به ڪندو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته دوستن، پاڙيسرين يا گهريلو ملازمن تي ٻارن جي حوالي سان انڌو ڀروسو نه ڪريو جيڪڏهن ڪوبه ٻار نامناسب رويي يا ڪا ٻئي شڪايت ڪري ته انهي جي ڳالهه تي يقين ڪريو ڇو ته ٻار ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.
اداڪار عدنان صديقي به انسٽاگرام تي رد عمل ڏيندي چيو ته هڪ 18 مهينن جي ٻارڙي سان پيش ايندڙ اهو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جوابدار جي عمر مبينه طور 17 سال آهي، پر انهي کان ڏوهه جي سنگيني گهٽ ناهي ٿي پر وڌيڪ وڌي ويندي آهي. عدنان صديقي متاثر خاندان جي لاءِ صبر جي دعا ڪندي ٻارڙي جي لاءِ فوري انصاف جو مطالبو ڪيو.
اداڪاره عائشه عمر معاشري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان اخلاقي طور تي بدترين دور ۾ پهچي چڪا آهيون اهو ڪهڙو معاشرو آهي؟ اهو ڪهڙو ملڪ آهي؟ اسان کي اجتماعي طور تي پاڻ کان سوال ڪرڻو پوندو ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون ڇو ته هاڻ اهڙيون حالتون وڌيڪ برداشت نٿيون ڪري سگهجن.
اداڪاره ثنا بلوچ به متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏوهه کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هڪ ماءُ هجڻ جي ناتي مان متاثره خاندان جي ڏک جو اندازو به نٿي لڳائي سگهان. ٻارن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بنائڻ گهرجي.
انهي واقعي تي اداڪاره ايمن خان، مريم نفيس، احسن خان، صرحا اصغر، زالي سرحدي ۽ عائشه عمر سميت ٻين ڪيترين ئي شوبز شخصيتن به ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو.
مريم نفيس والدين کي مخاطب ٿيندي لکيو اهڙي خوفناڪ حالتن ۾ پنهنجن ٻارن کي هڪ لمحي جي لاءِ به اڪيلو ڇو ڇڏيندا آهيو؟
ياد رهي ته انهي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ سموري ملڪ ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. هزارين شهرين سان گڏوگڏ شوبز شخصيتون به مطالبو ڪري رهيون آهن ته ذميوارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ٻارن کي جنسي تشدد کان محفوظ رکڻ جي لاءِ موثر حفاظتي قدم کنيا وڃن.
تبصرے بند ہیں۔