لاهور: پنجاب حڪومت بلدياتي چونڊن جي لاءِ ساڍا 12 ارب روپيه گهري ورتا آهن. پنجاب اسيمبلي جي ذريعن موجب صوبائي بلديات کاتي بلدياتي چونڊن جي لاءِ پنجاب حڪومت کان رقم گهري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلدياتي چونڊن منعقد ڪرڻ جي لاءِ فنڊز جي منظوري جو معاملو پنجاب ڪابينه جي سامهون پيش ڪيو ويندو.
پنجاب اسيمبلي جي ذريعن موجب صوبائي ڪابينه جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي اهم ايجنڊا ايٽم غور هيٺ ايندا.
تبصرے بند ہیں۔