اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ناجائز قبضي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ تي سموري دنيا ۾ ڪشميري اڄ يوم استحصال ملهائي رهيا آهن.
يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي حمايت جو اظهار ۽ ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم جي مذمت ڪرڻ آهي.
سن 2019 ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي جمون، ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. انهي قدم کي انهي وقت کان عالمي برادري، ڪشميري ۽ پاڪستاني عوام رد ڪندي آيا آهن. انهي ڏينهن جي حوالي سان خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي هڪ ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. صبح 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. اهڙي طرح چئني صوبن، آزاد جمون، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به ريليون ڪڍيون وينديون.
ياد رهي ته يوم استحصال 5 آگسٽ 2019 تي مودي سرڪار جي طرفان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي غير آئيني تنسيخ خلاف احتجاج جي طور تي ملهايو ويندو آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف يوم استحال ڪشمير تي پنهنجا بيان جاري ڪيا آهن.
صدر آصف زرداري چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ۽ منصفاڻي امن جو قيام، جمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان جڙيل آهي. والاريل جمون، ڪشمير جي عوام سان غير متزلزل يڪجهتي جو ارادو رکون ٿا. صدر چيو ته ڪشميرين جي بهادري ۽ حق خوداراديت لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اڄ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019 جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي 7 سال مڪمل ٿي چڪا آهن.
وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل علائقي جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪيو، والاريل ڪشمير ۾ سياسي قيادت کي دٻائڻ، شهري آزادين تي پابندين سبب ڳڻتيون آهن. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جو حوصلو، استقامت ۽ ثابت قدمي اڄ به غيرمتزلزل آهي. ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام لاءِ سڀني کان بنيادي ۽ حل طلب مسئلو آهي.
وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي صرف ڳڻتي جي اظهار تائين محدود رهڻ جي بجاءِ تڪرار جي منصفاڻي دير تائين حل لاءِ ذميوارانه ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جمون، ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀو آهي.
تبصرے بند ہیں۔