پشاور: چلاس ۾ تيز برسات سبب ٻوڏ صورتحال پيدا ٿي وئي، پاڻي جي ريلن سبب زرعي زمينن ۽ فصلن کي نقصان پهتو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا. بابوسر روڊ ٻوڏ صورتحال سبب هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه موجب خيبرپختونخواهه ۾ 29 جولاءِ کان هينئر تائين برساتن سبب حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته 65 گهرن کي نقصان پهتو.
ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ٻڌايو آهي ته مختلف واقعا ايبٽ آباد، پشاور، سوات، بونير، خيبر، چترال ۽ ٻين علائقن ۾ پيش آيا. هوڏانهن فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ، چشمه ۽ گڊو بيراج تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.
تبصرے بند ہیں۔