واشنگٽن: آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان هلندڙ جنمگ کان پوءِ آمريڪا جي جديد فضائي دفاعي نظامن جي ميزائل ذخيرن ۾ نمايان گهٽتائي اچي وئي آهي، جنهن تي آمريڪي فوج قيادت کي ڳڻتي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جي رپورٽ موجب جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي فوج پنهنجي ٽرمينل هاءِ آلٽيٽيوڊ ايريا ڊفينس نظام جا تقريبن 80 سيڪڙو ميزائل انٽرسيپٽرز استعمال ڪري چڪا آهي، جڏهن ته پيٽرياٽ فضائي دفاعي نظام جا تقريبن اڌ ميزائل به ختم ٿي چڪا آهن.
رپورٽ ۾ باخبر ذريعن تازي فوجي انوينٽري جائزي جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج جي سينئر ڪمانڊرز نجي سطح تي انهي ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته پينٽاگون وٽ گڏيل هٿيار ۽ دفاعي ميزائلن جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽ ٿي چڪا آهن.
سي اين اين موجب انهي کان اڳ به پيٽرياٽ ميزائلن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان خدشا سامهون آيا هئا پر هاڻ پهريون ڀيرو ٿاڊ سسٽم جي ميزائلن جي کوٽ جا اطلاع به سامهون آيا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا جي دفاعي تازي ۽ مستقبل ۾ امڪاني فوجي ڪارروائين جي حوالي سان اهڙن ذخيرن جي بحالي آمريڪي دفاع واري وزارت جي لاءِ هڪ اهم چيلينج بڻجي سگهي ٿي پر آمريڪي دفاع واري وزارت طرفان سي اين اين جي انهي رپورٽ تي فوري طور تي ڪوبه باضابطه رد عمل سامهون نه آيو آهي.
دفاعي ماهرن موجب جديد فضائي دفاعي نظامن جا ميزائل تيار ڪرڻ ۾ ڪافي وقت ۽ وڏين مالي وسيلن جي ضرورت هوندي آهي انهي لاءِ جيڪڏهن ذخيرا واقعي انهي حد تائين گهٽ ٿيا آهن ته آمريڪا کي پنهنجي دفاعي پيداوار ۽ سپلائي چين کي وڌيڪ مضبوط بنائڻو پئجي سگهي ٿو.
ياد رهي ته ٿاڊ ۽ پيٽرياٽ سسٽم آمريڪا جي اهم ترين فضائي دفاعي نظامن ۾ شمار ٿيندا آهن جنهن جو مقصد بيلسٽڪ ميزائلن، ڊرونز ۽ ٻين فضائي خطرن کي حدف تائين پهچڻ کان اڳ تباهه ڪرڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔