چمن: بلوچستان جي ضلعي چمن ۽ خيبرپختونخواهه جي ضلعي لکي مروت ۾ ڌار ڌار دستي بم حملن جي نتيجي ۾ گڏيل طور تي 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب لکي مروت جي علائقي بهرام خيل ۾ هڪ گهر جي اندر دستي بم ڦاٽڻ سبب رشيد نالي شخص، انهي جي ڀاڄائي ۽ معصوم ڀائٽيو فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ٻار زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل ناهي ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ قومي شاهراهه جي تعمير تي مقرر مزدورن تي نامعلوم ماڻهن دستي بم حملو ڪري ڇڏيو
پوليس موجب حملي وقت مزدور ستل هئا انهن تي دستي بم اڇليو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مزدور فوت جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب زخمي مزدورن کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ وڌيڪ علاج جي لاءِ ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حملو ڪندڙن جي ڳولا ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔