سون عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سستو ٿي ويو، چاندي جي قيمت ۾ اضافو

ڪراچي:    سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمت گهٽ ٿي وئي، جڏهن ته چاندي وڌيڪ مهانگي ٿي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ اڱاري جي ڏينهن في اونس سون جي قيمت ۾ 5 ڊالر جي گهٽتائي ٿيڻ جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 55 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي وئي.

عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي صرافه بازارن ۾ به ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 500 روپين جي گهٽتائي ٿيڻ سان نئين قيمت 4 لک 27 هزار 936 روپيه في تولو ۽ في 10 گرام سون جي قيمت 428 روپيه گهٽ ٿيڻ سان 3 لک 66 هزار 886 روپين جي سطح تي اچي وئي.

هوڏانهن سون جي قيمتن جي ابتڙ مقامي مارڪيٽن ۾ چاندي جي قيمت 60 روپين جي اضافي سان 6 هزار 351 روپيه في تولو ۽ 50 روپين جي اضافي سان 5 هزار 444 روپيه في 10 گرام جي سطح تي اچي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔