پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري جي ضمانت منظور

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري جي ضمانت 20 هزار رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته افغان شهري کي فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار وٽ پاڪستاني عورت سان شادي جو نڪاح نامو به موجود ناهي.سرڪاري وڪيل موجب جوابدار نڪاح نامو 2024ع ۾ ٺهرايو، جنهن وٽ پاڪستان اچڻ جو ڪو به ثبوت ۽ افغان پاسپورٽ به موجود ناهي.ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته ڳوٺن ۾ ڪير نڪاح ناما ٺهرائيندو آهي؟ جوابدار جي وڪيل ٻڌايو آهي ته شادي 1993ع ۾ ٿي هئي، پر ان وقت نڪاح نامو نه ٺهرايو ويو هو.جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته 2 هاءِ ڪورٽون پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ شخص کي ڊوميسائل ڏيڻ جو چئي چڪيون آهن، سرڪار ئي افغانين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته راشن به ڏنو ويو، ڪجهه پاڻ به کاڌائون.جسٽس هاشم ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو ته جڏهن 2 ٻار موجود آهن ته شادي جو ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي؟ هن سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار وٽ ڪو به دستاويز موجود ناهي ته کيس افغان شهري ڪيئن قرار ڏنو ويو؟بعد ۾ سپريم ڪورٽ افغان شهري جي 20 هزار رپين جي مچلڪن جي عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

تبصرے بند ہیں۔