ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آئي وي (ايڇ آءِ وي) جي پکڙجڻ واري معاملي تي سنڌ ايمپلائيز سوشل سڪيورٽي انسٽي ٽيوشن (سيسي) 37 آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سيسي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو ٻڌايو آهي ته انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ تي فائنل شوڪاز جاري ڪيا ويا آهن.هن ٻڌايو ته نوٽيس حاصل ڪندڙن کي 14 ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيسي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو اهو به ٻڌايو ته شوڪاز جو جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔