ممبئي : مشهور ڀارتي فلم ساز رام گوپال ورما ۽ اداڪاره ارملا ماتونڊڪر جي وچ ۾ 90 جي ڏهاڪي ۾ ڊيٽنگ جون اڏيل خبرون هيون ۽ هاڻي ٻئي هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ اچي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ سينئر ڀارتي صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته هن جوڙي مبينه طور لاڳاپن دوران ڳجهي شادي ڪري ورتي هئي. هڪ يوٽيوب چينل تي گفتگو ڪندي بالي ووڊ جي سينئر صحافي جيوتي وينڪٽيش ٻڌايو ته اها معلومات کيس چرنجيوي کان ان وقت ملي جڏهن هو فلم “جينٽل مين” جي سيٽ تي اداڪار سان مليو. جيوتي موجب چرنجيوي مون کي چيو ته “جيوتي، هڪ صحافي جي طور تي تون هر شيءِ بابت لکين ٿو، پوءِ تون رام گوپال ورما ۽ ارملا جي شادي بابت ڇو نه لکيو”. صحافي ٻڌايو ته جڏهن هن دعويٰ جي ثبوت بابت پڇيو ويو ته اداڪار انڪشاف ڪيو ته اها شادي آندھرا پرديش جي هڪ مندر ۾ ٿي هئي ۽ هن ان پوڄاري جو فون نمبر به ڏنو جنهن اها رسم ادا ڪرائي هئي. تنهن هوندي، خبر شايع ڪرڻ کان اڳ وينڪٽيش شادي جي تصديق لاءِ ارملا کي فون ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته ارملا روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چيو ته “توهان منهنجي باري ۾ ائين ڪيئن لکي سگهو ٿا، توهان مون کي ان وقت کان سڃاڻو ٿا جڏهن کان مون انڊسٽري ۾ قدم رکيو هو”. صحافي ٻڌايو ته هن رام گوپال ورما سان به موقف لاءِ رابطو ڪيو پر فلم ساز تبصري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيوتي وينڪٽيش رام گوپال ورما ۽ ارملا ماتونڊڪر جي مبينه علحدگي جي ڳالهه به ڪئي. سندس موجب ارملا، رام گوپال ورما سان قانوني طور شادي ڪرڻ چاهيندي هئي پر هو ان وقت اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هو، جيڪو آخرڪار سندن علحدگي جو سبب بڻيو. ان مبينه جوڙي گڏجي ڪافي فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ رنگيلا، دوڙ، ستيا ۽ پيار تون ني ڪيا جهڙيون فلمون شامل آهن.
تبصرے بند ہیں۔