سنڌ جو عوام نوان صوبا نٿو چاهي، اھو مطالبو پنجاب جو آهي: سعيد غني

ڪراچي:  صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ جي عوام نوان صوبا نٿي چاهي، نون صوبن جو قيام پنجاب جي عوام جو مطالبو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيوته نوان صوبا ڪنهن جي چوڻ سان نه پر آئين جي تحت انهي صوبي جي اسيمبلي  مان ٻه ٽي جي اڪثريت سان قرارداد جي منظوري کان پوءِ ئي بڻجي سگهن ٿا. پنجاب جي وزيرن پنهنجي ئي وفاقي حڪومت جي خلاف پورٽ تي ڳالهيون ڪري چارج شيٽ ڏني آهي. پنجاب جا وزير مريم نواز جي سوچ جي دائري ۾ رهي سوچيندا آهن.

 

هن چيو ته هر ٻار کي خبر آهي ته چونڊن ۾(ن) ليگ کي شڪست ملي، نوازشريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز کي ڌانڌلي ذريعي کٽرايو ويو هو، جيڪي ماڻهو خيرات جي سيٽن تي ويهندا آهن اهي اسان تي تنقيد ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان جي مينڊيٽ تي ڪوبه ڌاڙو هنيو ويو ته اسان ڳالهائينداسين، اسان هنن جي چهري تان مڪاري جا پردا لاهيندا رهنداسين.

سعيد غني چيو ته پنجاب ۾ اسپتالن جي تعمير خوشي جوڳو قدم آهي، پر سنڌ ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن کان لاعلمي جي بنياد تي تنقيد صحيح نه آهي، پنجاب جي ٻن وزيرن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. انهن کي سنڌ اچي هتان جا منصوبا ۽ عوام کي ڏنل سهولتن جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پنجاب جي وزيرن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي سنڌ اچن ۽ هتي ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڏسن.

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ جي صورتحال بابت سوال وفاقي حڪومت کان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پورٽ جي معاملي تي ڳالهيون ڪندڙ اصل ۾ پنهنجي ئي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري رهيا آهن. سعيد غني صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته اين آئي سي وي ڊي، ايس آئي يو ٽي ۽ گمبٽ جا ادارا سموري ملڪ جي مريضن کي علاج جون سهولتون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب سميت سموري ملڪ جي مختلف علائقن مان وڏي تعداد ۾ مريض سنڌ جي انهن ادارن مان علاج ڪرائي رهيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔