پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت جي خلاف گڏيل تحريڪ هلائڻ لاءِ جمعيت علماءِ اسلام جي يو آءِ(ف) سان رابطه شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي خلاف گڏيل احتجاج جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ ذريعن ٻڌايو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) في الحال گڏيل احتجاج جي حمايت ناهي ڪئي، جي يو آءِ جو موقف آهي ته احتجاج کان اڳ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اعتماد بحال ٿيڻ گهرجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ(ف) قيادت جي وچ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي تي به ڳالهيون ٿيون. انهي حوالي سان پي ٽي آءِ ترجمان خيبرپختونخواهه شوڪت يوسفزئي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻن سان ملاقاتن جي تصديق ڪري ڇڏي.
تبصرے بند ہیں۔