پاڪ چين فوج علاقائي امن ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن: فيلڊ مارشل

راولپنڊي:  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ چين فوج علاقائي امن ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن.

چيني پيپلز لبريشن آرمي جي 99هين سالگره جي تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ پاڪ چين دفاعي ڀائيواري جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين جي اعليٰ عسڪري، سفارتي اختيارين شرڪت ڪئي.

تقريب جو مهمان خاص پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائي ڊونگ هو جڏهن ته چين جي دفاعي ٽياڪڙ ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي اختيارين ۽ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جا سينئر آفيسر به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. فيلڊ مارشل چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير معزز مهمانن جي جي ايڇ ۾ آجيان ڪندي پيپلز لبريشن آرمي کي انهي جي 99هين يوم تاسيس تي مبارڪباد پيش ڪئي.

هن چين جي دفاع قومي ترقي ۽ عالمي امن، سلامتي جي لاءِ پي ايل اي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. فيلڊ مارشل انهي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي منفرد، هر طرح جي علاقائي ۽ عالمي چيلنجز جي باوجود مضبوط رهي آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ پيپلز لبريشن آرمي گڏيل اعتماد، تعاون ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي چيني سفير جيانگ زائي ڊونگ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قربانين ۽ ڪردار جي تعريف ڪئي. هن انهي يادگاري تقريب منعقد ڪرڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ٿورو به ادا ڪيو. چيني سفير پاڪستان جي ڀرپور حمايت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر شپ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي چين جي ارادي جو اظهار ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔