بلوچستان جي کاڻ مان 34 لاش هٿ، 28 فوتين جو هڪ ئي ڳوٺ سان تعلق

ڪوئٽا: پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي سورينج واري علائقي ۾ خميس ڏينهن ڪوئلي جي هڪ کاڻ ۾ پيش آيل حادثي کانپوءِ اندر ڦاٿل مزدورن جي ڳولا ۽ بچاءُ جو آپريشن جاري آهي. صوبائي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري (پي ڊي ايم اي) موجب هينئر تائين 34 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
سورينج، بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا کان اوڀر طرف لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر پري هڪ جابلو علائقو آهي، جتي وڏي انگ ۾ ڪوئلي جون کاڻيون موجود آهن. پي ڊي ايم اي موجب ڌماڪي وقت کاڻ اندر گهٽ ۾ گهٽ 36 مزدور ڪم ڪري رهيا هئا.
مزدور اڳواڻ پير محمد ڪاڪڙ بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ابتدائي ڄاڻ موجب کاڻ اندر ميٿين گيس جمع ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته سرڪاري طور اڃا تائين ڌماڪي جي اصل سبب جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
نيشنل ليبر فيڊريشن جي مرڪزي عهديدار عمر حيات ٻڌايو ته ڌماڪو انتهائي شديد هو، جنهن سبب کاڻ جو وڏو حصو ويهجي ويو. هن چيو ته ڌماڪي جي شدت ايتري هئي، جو شروعات ۾ جيڪي ٻه لاش مليا، اهي هاليج آپريٽر ۽ سندس مددگار جا هئا، جيڪي حادثي واري هنڌ کان ڪافي پري موجود هئا، پر ڌماڪي سبب فوت ٿي ويا.
بلوچستان جي صوبائي وزير براءِ معدنيات مير شعيب نوشيرواڻي چيو ته کاڻ ويهڻ واري واقعي کان فوري پوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو. جمعي جي صبح تائين 34 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا هئا.
پي ڊي ايم اي جي آپريشن مئنيجر محمد فهد ٻڌايو ته باقي ٻن ڦاٿل مزدورن جا لاش ڪڍڻ لاءِ به ڪارروائي جاري آهي. جاني نقصان جي لحاظ کان هن سال بلوچستان جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ پيش آيل هي سڀ کان وڏو حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي معدنيات کاتي کان فوري رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حادثي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي.
مير شعيب نوشيرواڻي موجب حادثي ۾ فوت ٿيل هر مزدور جي وارثن کي پنج لک رپيا ۽ زخمين کي ٽي ٽي لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو.
آل پاڪستان مائنز ليبر فيڊريشن جي مرڪزي صدر عابد يار بي بي سي کي ٻڌايو ته فوت ٿيلن مان 28 مزدور خيبرپختونخوا جي شانگلا ضلعي جي هڪ ئي ڳوٺ پيرآباد سان واسطو رکن ٿا، جڏهن ته انهن مان اٺ ڄڻا ٻن خاندانن جا هئا.
هن چيو ته لاشن کي اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، ۽ بلوچستان کان شانگلا تائين پهچڻ ۾ 22 کان 24 ڪلاڪ لڳن ٿا. اميد آهي ته جمعي جي شام کان لاش شانگلا پهچڻ شروع ٿي ويندا.
پيرآباد سان تعلق رکندڙ محمد عالم ٻڌايو ته سندس چار ڀائيٽيا هن حادثي ۾ فوت ٿيا. هن چيو ته انهن جون عمريون 19 کان 22 ورهين جي وچ ۾ هيون.
هن موجب فوت ٿيلن ۾ نجيب الله ۽ نعيم الله ڀائر هئا، جڏهن ته ودود الله ۽ ذاڪرالله سندن سئوٽ هئا. چارئي شادي شده هئا. محمد عالم چيو ته سندن سڄو خاندان ڪوئلي جي کاڻين سان لاڳاپيل آهي ۽ خاندان جا 25 ماڻهو انهيءَ پيشي سان وابسته آهن.
شانگلا سان تعلق رکندڙ محمد گل پڻ هن حادثي ۾ پنهنجا چار ويجها مائٽ وڃائي ويٺو. هن ٻڌايو ته فوت ٿيلن ۾ سندس هڪ ڀائيٽو ۽ ٽي سئوٽ شامل آهن.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن خاندان جو هڪ فرد به اوچتو فوت ٿي وڃي ته اهو صدمو برداشت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، پر سندن خاندان جا چار نوجوان هڪ ئي وقت حياتي وڃائي ويٺا.
هن چيو ته فوت ٿيلن جون عمريون 30 سالن کان گهٽ هيون. علائقي ۾ روزگار جا ٻيا ذريعا نه هجڻ سبب ماڻهو مجبور ٿي بلوچستان جي خطرناڪ ۽ سخت محنت واري ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪن ٿا.
محمد گل ٻڌايو ته ماضي ۾ به سندن علائقي جا ڪيترائي ماڻهو کاڻين جي حادثن ۾ فوت ٿي چڪا آهن. سندس مائٽ رومان، جيڪو هن حادثي ۾ فوت ٿيو، تنهن جو والد به 2016ع ۾ سورينج جي هڪ کاڻ ۾ حادثي دوران فوت ٿيو هو.
هن چيو ته کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون حياتيون هر وقت خطري ۾ هونديون آهن، پر روزگار جي کوٽ سبب ماڻهو مجبور آهن.
انسپيڪٽوريٽ آف مائنز بلوچستان جي ريسڪيو ڪيپٽن ذاڪرحسين، جيڪو واقعي واري هنڌ موجود آهي، ٻڌايو ته فوت ٿيل مزدور کاڻ جي ٻن حصن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. هڪ حصي ۾ 22 ۽ باقي ٻئي حصي ۾ موجود هئا. هن چيو ته ڌماڪي جي شدت سبب ٻنهي حصن جا مزدور ڦاسي پيا، جن مان اڪثر جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته عام طور تي کاڻين ۾ ريلوي ٽريڪ جهڙو نظام ريسڪيو لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي، پر ڌماڪي سبب اهو ٽريڪ به مڪمل تباهه ٿي ويو.
هاڻي باقي مزدورن تائين پهچڻ لاءِ متبادل رستو ٺاهيو پيو وڃي، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته ريسڪيو آپريشن ڪڏهن مڪمل ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ميٿين گيس جا ڌماڪا هميشه انتهائي شديد هوندا آهن، ۽ هن حادثي ۾ به ان جا اثر واضح نظر اچي رهيا آهن. هي بلوچستان جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ پيش آيل پهريون حادثو ناهي. ان کان اڳ به اهڙن ڪيترن ئي حادثن ۾ درجنين مزدور حياتيون وڃائي چڪا آهن.
ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي تحفظ بابت حفاظتي انتظامن تي هميشه سوال اٿندا رهيا آهن. بلوچستان ۾ ٻين صنعتن جي کوٽ سبب ڪوئلي جي کاڻ ئي سڀ کان وڏي صنعت آهي.
اڪثر کاڻيون ڪوئيٽا، هرنائي، دُڪي ۽ ڪڇي ضلعن ۾ واقع آهن. انهن کاڻين ۾ لڳ ڀڳ 60 هزار مزدور ڪم ڪن ٿا، پر مناسب حفاظتي انتظامن جي کوٽ سبب حادثا معمول بڻيل آهن.
بلوچستان جي کاڻين ۾ جديد رابطي جو نظام موجود ناهي. اڃا تائين پراڻو گهنٽي وارو نظام استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ کاڻ جي ٻاهران لڳل گهنٽي کي اندر لڳل تار يا رسي ذريعي هلايو وڃي ٿو ته جيئن مٿان موجود ماڻهن تائين پيغام پهچي سگهي.
انهن حادثن خلاف وقت بوقت احتجاج پڻ ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ مزدورن جي موت ۽ حفاظتي انتظامن جي کوٽ خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي.
بلوچستان ۾ چلي جهڙو معجزو ڇو نٿو ٿئي؟
آگسٽ 2010ع ۾ چلي جي هڪ کاڻ ۾ 33 مزدور ڦاسي پيا هئا. مناسب حفاظتي ۽ هواداري نظام سبب اهي 69 ڏينهن تائين زندهه رهيا، ۽ بعد ۾ ڊرل ذريعي سوراخ ڪري خاص ٽيوب وسيلي سڀني کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو.
ان جي ابتڙ بلوچستان ۾ کاڻين جا حادثا عام آهن، پر ڦاٿل مزدورن مان تمام گهٽ ماڻهو زندهه بچي سگهندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ ماحولياتي ماهر ۽ مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر رابعه ظفر بي بي سي کي ٻڌايو هو ته بلوچستان جي کاڻين ۾ مناسب وينٽيليشن (هواداري) جو نظام موجود ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن مناسب وينٽيليشن هجي ته ميٿين ۽ ٻين زهريلي گيسن جي جمع ٿيڻ سبب ٿيندڙ حادثن کي روڪي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ موجب کاڻين ۾ ميٿين ۽ ڪاربان مونو آڪسائيڊ جهڙيون خطرناڪ گيسون موجود هونديون آهن، پر انهن جي جديد نگراني جو ڪو مؤثر نظام ناهي.
جيڪڏهن گيسن جي نگراني لاءِ جديد ڊجيٽل ڊٽيڪٽر استعمال ڪيا وڃن ته مزدورن کي اندر موڪلڻ کان اڳ گيسن کي ختم ڪري سندن حياتيون بچائي سگهجن ٿيون.
ڊاڪٽر رابعه ظفر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کاڻ اندر 15 کان 20 سيڪڙو ميٿين گيس موجود هجي ته اهو انتهائي وڏو ڌماڪو ڪري سگهي ٿي، جيڪو سڄي کاڻ کي ويهاري سگهي ٿو.
هن چيو ته بلوچستان جون ڪوئلي جون کاڻيون هزارين فوٽ اونهيون آهن، تنهنڪري جيڪڏهن هيٺ ڌماڪو ٿئي ته مزدورن جي زندهه بچڻ جا امڪان تمام گهٽ رهجي ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي صحت ۽ حفاظت بابت عالمي معيارن ۽ حفاظتي ضابطن تي به مناسب نموني عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب اهڙا المناڪ حادثا بار بار پيش اچن ٿا.

تبصرے بند ہیں۔