لاس اينجلس: مشهور آمريڪي اداڪار ۽ گلوڪار جيرڊ ليٽو تي 4 عورتن پاران جنسي زيادتي ۽ هراسان ڪرڻ جا سنگين الزام عائد ڪيا ويا آهن. برطانوي نشرياتي اداري (BBC) جي هڪ نئين دستاويزي فلم ”جيرڊ ليٽو: هالي ووڊز ڊارڪ سيڪريٽ“ جي رليز ٿيڻ بعد هالي ووڊ ۾ هڪ نئون طوفان اچي ويو آهي، جنهن ۾ 10 عورتن اداڪار جي ڪردار تي ڳالهايو آهي، جن مان 4 عورتن مٿس هراسمينٽ ۽ زيادتي جا سڌا الزام هنيا آهن. هڪ عورت جو چوڻ آهي ته جڏهن هوءَ 17 سالن جي هئي ته اداڪار کيس موٽل جي باٿ روم ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو. هي سمورا واقعا 2002ع کان 2016ع جي وچ ۾ پيش آيا. ٻئي پاسي اداڪار جيرڊ ليٽو انهن الزامات کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي دعوائون سراسر ڪوڙيون آهن ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن سان اهڙي بدتميزي ناهي ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔