مٽياري:مٽياري ۾ برصغير جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون اڄ آخري ڏينهن به عقيدت ۽ احترام سان جاري آهن.
عرس جي اختتامي تقريب دوران درگاهه جي گادي نشين مختلف درگاهن جي گادي نشينن سان گڏجي دعا خير ڪرائي، جڏهن ته هزارين مريدن ۽ زائرين کي روايتي ديدار پڻ ڪرايو ويو. هوڏانهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪجهه ئي دير ۾ ڀٽ شاهه پهچندو، جتي هو عرس جي اختتامي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.
وڏو وزير رنگا رنگ ثقافتي ۽ موسيقي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ راڳي فقيرن، ملهه پهلوانن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن ۾ ايوارڊ پڻ ورهائيندو. ٻئي پاسي اڄ به سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان زائرين وڏي انگ ۾ ڀٽ شاهه پهچي رهيا آهن، جڏهن ته عرس جي آخري ڏينهن سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن زائرين کي پرامن ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪري سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔