پاڪستان عراق ۾ ڪارروائي کي سعودي عرب جو حق دفاع قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:  پاڪستان عراق ۾ ڪارروائي کي سعودي عرب جو حق دفاع قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان سعودي عرب تي حملي جي سخت مذمت ڪندي عراق ۾ ڪارروائي کي سعودي عرب جو حق دفاع قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته سعودي عرب کي کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. ترجمان موجب پاڪستان آمريڪا ۽ ايران تي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. ٻڌايو ته ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن.

ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڪويت سان دفاعي تعاون معاهدي جي توثيق جي به آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جو اردن ۽  بحرين سان به مضبوط دفاعي تعاون موجود آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ضرورت پئي ته اردن ۽ بحرين سان نئين دفاعي تعاون معاهدن کان آگاهه ڪيو ويندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندراني ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪ فوج صرف دهشتگردن ۽ انهن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون ڪندي آهي. ترجمان چيو ته افغانستان ۾ موجود پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ نه صرف پاڪستان جي خلاف ڪارروائين جي منصوبه بندي ڪندا آهن پر پاڪستاني شهرين کي ڀرتي به ڪندا آهن. پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي قانوني جواز نٿو ڏئي سگهي، ڪارگل بابت پاڪستان جو موقف واضح ۽ رڪارڊ تي آهي اهو معاملو هاڻ تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔