فيفا پاران ارجنٽائن خلاف ڪارروائي جي شروعات

زيورخ : بين الاقوامي فٽبال فيڊريشن (فيفا) پاران ورلڊ ڪپ 2026ع دوران پيش آيل ناخوشگوار واقعن تي ارجنٽائن جي فٽبال ٽيم ۽ فيڊريشن خلاف سخت تاديبي ڪارروائي شروع ڪري ڏني وئي آهي. عالمي ميڊيا موجب، فائنل ميچ ۾ اسپين کان شڪست بعد ارجنٽائن جي رانديگرن پاران هسپانوي رانديگرن سان بدتميزي ۽ سيمي فائنل ۾ انگلستان کي شڪست ڏيڻ بعد گراونڊ تي ’فاڪ لينڊ ٻيٽن‘ بابت سياسي بينر لڳائڻ تي ارجنٽائن مٿان سنگين چارجز لڳايا ويا آهن. ان کان علاوه شائقين پاران تعصب پسند نعرا هڻڻ ۽ ميچ دوران شيون اڇلائڻ پڻ شامل آهن. ارجنٽائن جي رانديگر لينڊرو پريڊس کي 3، ناهوئل مولينا کي 2 ۽ اسسٽنٽ ڪوچ رابرٽو آيالا کي هڪ تاديبي مقدمي جو سامنا آهي. فيفا جي ڊسپلنري ڪميٽي ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد آخري فيصلو جاري ڪندي.

تبصرے بند ہیں۔