مون کي ٻاهرين ملڪ مان گرفتار ڪيو ويو ته ’خاص دستا‘ تيار آهن: نيتن ياھو

واشنگٽن: اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو هڪ انٽرويو ۾ حيرت انگيز دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن کيس ٻاهرئين ملڪ ڪنهن به جڳهه تي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس ’خصوصي دستا‘ مڪمل طور تي تيار آهن. وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر سان اهم ملاقات بعد هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ نتن ياهو واضح ڪيو ته هو ايندڙ سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ جو دورو هر صورت ۾ ڪندو ۽ ان کي منسوخ ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.هن چيو ته ”جيڪڏهن مونکي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته منهنجي چوڌاري خصوصي دستا موجود هوندا.“ پر هن اهو واضح نه ڪيو ته اهي دستا ڪهڙي قسم جو ڪردار ادا ڪندا يا آمريڪي سرزمين تي ڪنهن ايڪشن جي صورت ۾ ڇا ڪندا.نتن ياهو جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني پاران انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ (آءِ سي سي) جي وارنٽس تحت کيس نيويارڪ پهچڻ تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. نيو يارڪ جي ميئر تي تنقيد ڪندي نتن ياهو الزام هنيو ته ممداني شهرين کي اتي رهندڙ يهودي آبادي جي خلاف ڪري رهيو آهي. هوڏانهن ’دي اڪانومسٽ‘ ۽ ’يوگوف‘ جي هڪ تازي سروي ۾ 49 سيڪڙو بالغن آمريڪين راءِ ڏني آهي ته نتن ياهو کي نيويارڪ آمد تي گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته رڳو 27 سيڪڙو ان جي مخالفت ڪئي آهي.نتن ياهو آءِ سي سي جي وارنٽس کي رد ڪندي عدالت کي ”برائي جو ادارو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته اڄ اسرائيل خلاف استعمال ٿيندڙ هي ادارو سڀاڻي آمريڪي عملدارن ۽ فوجين خلاف به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. خطي جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن ايران کي سخت چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن هن اسرائيل تي حملو ڪيو ته کيس زبردست طاقت جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته هن سعودي عرب سان ’معاهده ابراهيمي‘ کي وسيع ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔