فورسز جي مستونگ ۾ ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن “العزم” تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف ڀرپور ۽ اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچا ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ‘فتنه الهندستان’ جي 4 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪامياب آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ موٽرسائيڪلون پڻ ضبط ڪيون ويون. سيڪيورٽي ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾ ‘فتنه الهندستان’ جي ڪيترن ئي دهشتگردن جي زخمي ٿيڻ جا به پڪا اطلاع آهن. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس ڪارروايون جاري آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران مڪمل نگراني برقرار رکي وئي آهي. ذريعن موجب، تازو ئي مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچا ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ڪاررواين کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تيز ڪيا ويا هئا؛ دهشتگردي جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن وامان جي قيام تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون مسلسل جاري رهنديون.

تبصرے بند ہیں۔