مستونگ: قومي شاهراهه تي فائرنگ، سيشن جج سيڪيورٽي گارڊ سميت شهيد، ايڊيشنل سيشن جج سميت 2 ڄڻا سخت زخمي

ڪوئٽه:  مستونگ ۾ قومي شاهراهه تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ انهي جو سيڪيورٽي گارڊ شهيد جڏهن ته ايڊيشنل سيشن جج طارق لاشاري سميت 2 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر مستونگ بهرام سليم موجب سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ڪوئٽه کان مستونگ وڃي رهيو هو ته قومي شاهراهه تي اڻڄاتل دهشتگردن انهي جي گاڏي کي نشانو بنايو، حملي جي نتيجي ۾ سيشن جج ۽ انهي جو سيڪيورٽي گارڊ ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته ايڊيشنل سيشن جج طارق لاشاري سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد  ڏني پئي وڃي. واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي به ڪئي وئي آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ تي حملو اصل ۾ رياست تي حملو آهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي هر قيمت تي منطقي انجام انجام تائين پهچايو وڃي. قانون جي محافظن جو خون رائيگان نه ويندو. رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن کي چيڀاٽيو ويندو، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي لاءِ  ڪابه محفوظ پناهه گاهه نه رهندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته امن دشمن عناصرن جي خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون ۽ دهشتگردي جي هر نيٽ ورڪ کي جڙ کان پٽي اڇليو ويندو.

ٻئي پاسي بلوچستان بار ڪونسل حملي کي عدليه وڪيل برادري ۽ قانون جي حڪمراني تي حملو قرار ڏيندي ٻن ڏينهن جي عدالتي هڙتال ۽ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. بار ڪونسل موجب وڪيل ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتن ۾ پيش ٿيندا. بار ڪونسل حملو ڪندڙن جي فوري گرفتاري، ججز، وڪيلن ۽ عدالتي عملي جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته وڪيل برادري  دهشتگردي جي خلاف ۽ قانون جي حڪمراني جي تحفظ لاءِ متحد رهندي.

واقعي کان پوءِ سموري صوبي جي سياسي، سماجي، قانوني ۽ سرڪاري شخصيتن طرفان حملي جي سخت مذمت ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته شهيدن  لاءِ درجات بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جون دعائون گهريون پيون وڃن. سيڪيورٽي ادارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي.

تبصرے بند ہیں۔