افغانستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي، 20 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

ڪابل: افغانستان جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 20 ڄڻا فوت جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويل 100 ڄڻا گم آهن.اختيارين موجب افغانستان جي صوبي نورستان ۾ سومر تي آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا فوت جڏهن ته 100 کان وڌيڪ گم آهن. صوبائي راڄڌاني پارون ۾ درياءَ جي ڪناري قائم دڪانن جي جڳهه هاڻ صرف ڪچرو رهجي ويو آهي.افغانستان جي ڊيزاسٽر ايجنسي موجب هينئر تائين 20 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته 80 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اهي فوتگيون ۽ زخمي ماڻهو پارون ۽ نورستان جي ٻين علائقن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. نورستان جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ هوٽلن ۽ درجنين دڪانن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻوڏ واري پاڻي کان پوءِ شهر ۾ وڏا وڏا پٿر اچي ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔