ڪراچي: سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿي ويو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ اڱاري جي ڏينهن في اونس سون جي قيمت ۾ 47 ڊالر جو اضافو ٿيڻ جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 68 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي صرافه بازارن ۾ 24 قيراط في تولي سون جي قيمت ۾ به 4 هزار 700 روپين جي اضافي نئين قيمت سان 4 لک 29 236 روپين جي سطح تي اچي وئي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت به 4 هزار 29 روپيه وڌي 3 لک 68 هزار روپين جي سطح تي اچي وئي. هوڏانهن ملڪ ۾ چاندي جي في تولو قيمت 219 روپين جي اضافي سان 6 هزار 396 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت به 188 روپين جي اضافي سان 5 هزار 483 روپين جي سطح تي اچي وئي.
تبصرے بند ہیں۔