اسلام آباد: ڀارت کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ درياءَ چناب ۾ پاڻي جي آمد ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.واپڊا جي ڊيٽا ۾ سامهون ايندڙ تفصيلن موجب، هيڊ مرالا وٽ درياءَ چناب ۾ 4 ڏينهن دوران پاڻي جي آمد ۾ 21,600 ڪيوسڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. خميس ڏينهن هيڊ مرالا وٽ درياءَ چناب ۾ پاڻي جي آمد 50,300 ڪيوسڪ تائين اچي وئي، جڏهن ته 4 ڏينهن اڳ پاڻي جي آمد 71,900 ڪيوسڪ هئي.
تبصرے بند ہیں۔